بلوچستان ۾ گذريل ڪيترن ئي هفتن کان زندگي معطل آهي، صوبي کي ملڪ جي ٻين حصن سان ڳنڍيندڙ اڪثر هاءِ ويز کي احتجاج ڪندڙن بند ڪري ڇڏيو آهي. موبائل فون سروس به معطل ڪئي وئي آهي. صوبائي گاديءَ وارو شهر ڪوئيٽا جھڙو ڪر گهيري ۾ اچي چڪو آهي ۽ انتظاميا مظاھرو ڪندڙن کي شھر ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.ان مظاھري جي قيادت اختر مينگل ڪري رھيو آھي.اهڙي صورتحال ۾، رياست جي حاڪميت جو مڪمل طور تي خاتمو ڏيکارجي رھيو آھي.ايتري تائين جو اختر مينگل ۽ ٻين بلوچ قوم پرستن جهڙا اڳواڻ، جيڪي ڪڏهن عوام ۽ رياست جي وچ ۾ آخري ڪڙي سمجهيا ويندا هئا،اھي هاڻي سياسي عمل تان اعتماد وڃائي رهيا آهن. اڳوڻو وڏو وزير، جيڪو بلوچستان نيشنل پارٽي جي پنهنجي ڌڙي جي سربراهي ڪري ٿو، ڪجهه مهينا اڳ پارليامينٽ مان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي ھئي ۽ ھن بلوچستان جي ماڻهن کي درپيش "عدم تحفظ” جي حوالي سان پارليامينٽ کان لاتعلقي جو سبب قرار ڏنو ھو.
هو تازو ئي يو اي اي کان واپس آيو آهي، جتي هو پارليامينٽ مان استعيفيٰ ڏيڻ کان پوءِ رهائش پذير هو ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي تازي لهر جي نتيجي ۾ وڌندڙ تڪرار کان پوءِ بلوچ يڪجھتي ڪميٽي جي اڳواڻن جي گرفتاري خلاف هڪ ‘لانگ مارچ’ جي اڳواڻي ڪري رهيو آهي. هي مارچ هاڻي ڪيترن ئي ٻين قومپرست پارٽين ۽ مکيه اسٽريم سياسي پارٽين سان ملي چڪو آهي. رياستي زيادتين خلاف وڌندڙ عوامي ڪاوڙ بلوچ نوجوانن کي انتهاپسند گروهن جي حمايت ڪرڻ تي مجبور ڪيو آهي. هي ڳڻتي جوڳو رجحان قومپرست پارٽين کي مڪمل طور تي غير لاڳاپيل بڻائي سگهي ٿو.
اهڙي صورتحال ۾، رياست وٽ ڳالهائڻ لاءِ ڪجهه به نه بچندو. پر اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ اقتدار جي راهدارين ۾ صورتحال جي سنگيني جي ڪا به سمجهه ناهي. ان جي بدران، اسان معقول آوازن کي خاموش ڪرڻ لاءِ زبردستي طاقت جي وڌندڙ استعمال جو مشاهدو ڪري رھيا آھيون۽انهن کي جمهوري رستو ڇڏڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي. شدت پسندن جي وڌندڙ تشدد ۽ دهشتگردي جي تناظر ۾ سياسي مخالفن جي خلاف جاري ڪريڪ ڊائون صوبي جي صورتحال کي انتهائي خطرناڪ بڻائي ڇڏيو آهي.هڪ ڀڳل ٽٽل صوبائي حڪومت، جنهن جي قانوني حيثيت تي به سوال آهي، سا مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي.جنھن مان اهو چٽو آهي ته اصل طاقت اسٽيبلشمينٽ وٽ آهي، جيڪا صورتحال کي صرف ‘سيڪيورٽي لينس’ ذريعي ڏسي ٿي. هي رياست جي ماڻهن جي دلين ۽ دماغ کان محروم ھئڻ جو وڏو سبب رهيو آهي. هي يقيني طور تي دهشتگرد گروپن کي وڌيڪ استثنيٰ سان ڪم ڪم ڪرڻ لاءِ هڪ سازگار ماحول فراهم ڪري ٿو.صوبي ۾ هاءِ پروفائل دهشتگرد حملن جي تازي لهر پڻ رياست جي ڪنٽرول وڃائڻ جو ثبوت آهي. ڪجهه رپورٽن موجب، صوبي جا 20 ضلعا هاڻي شدت پسند تشدد ۽ سياسي بدامني کان متاثر آهن. انتظاميا جي خاتمي صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪري ڇڏيو آهي.
رپورٽن موجب، صوبائي ڪابينا جا وزير سخت سيڪيورٽي جي باوجود پنهنجن حلقن ۾ وڃڻ کان قاصر آهن.ھڪ مسافر ٽرين جي تازي ھاءِ جيڪنگ ۽ صوبي جي مختلف حصن ۾ هڪ ئي وقت دهشتگرد حملا ويڙهاڪ گروپن جي وڌندڙ صلاحيتن کي چٽو ڪن ٿا.جيڪي مقامي مدد کانسواءِ ممڪن نه آھن. سيڪيورٽي فورسز جي ڪريڪ ڊائون انهن گروهن کي وڌيڪ ڀرتيون فراهم ڪن ٿا. عورت ويڙھاڪن جي وڌندڙ شموليت بلوچ ويڙهاڪن کي اڃا به وڌيڪ خطرناڪ بڻائي ڇڏيو آهي.
عورت خودڪش بمبارن جي دهشتگرد حملن ڪرڻ جا ڪيترائي واقعا ٿيا آهن، خاص طور تي سيڪيورٽي هدفن تي. عورتون پڻ حقن جي تحريڪ جي اڳواڻي ڪري رهيون آهن. مثال طور، ڪيترائي ماڻهو ڊاڪٽر ماه رنگ بلوچ کي حقن جي تحريڪ جو هڪ مشعل سمجهن ٿا. گهڻيون عورتون جيڪي هاڻي حقن جي تحريڪ جي اڳواڻي ڪري رهيون آهن، انهن جون پنهنجون ڪهاڻيون آهن ته انهن جا خاندان رياستي ظلم جو شڪار ٿي رھيا آهن. نوجوان ۽ تعليم يافته بلوچ مزاحمتي قيادت جي نئين نسل جو اڀرڻ، پراڻي محافظ کي سياسي طور تي غير متعلق بڻائي ڇڏيو آهي. رياست کي هاڻي انهن کي منھن ڏيڻو پوندو. پر ايئن لڳي ٿو تھ صوبي ۾ تيزي سان بدلجندڙ سياسي منظرنامي جي ڪا به سمجهه نظر نٿي اچي.
بلوچستان ۾ هاڻي جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو ڏهاڪن کان جاري رياستي بدانتظامي،نظرانداز ڪرڻ ۽ ماڻهن کي انهن جي بنيادي سياسي ۽ معاشي حقن کان محروم ڪرڻ جو نتيجو آهي. وڌندڙ ويڳاڻپ۽ وڌندڙ علحدگي، جنگجو تشدد اسان جي حڪمران اشرافيه ۽ اسٽيبلشمينٽ جي نوآبادياتي طريقن ۽ ذهنيت جو ردعمل لڳي ٿو.سيڪيورٽي فورسز پنجين بلوچ بغاوت کي منهن ڏئي رهي آهي.ھن کان اڳ ۾ چار بغاوتون. 1948. ان بعد 1958،59 ۽ 1962،63 ۽ 1973کان 1977۾ ٿي چڪيون آهن. پر هن ڀيري باغي وڌيڪ تيار نظر اچي رھيا آھن ۽ انهن وٽ جديد هٿيار ۽ جديد مواصلاتي نظام موجود آهي. آخري بغاوت کان پوءِ صوبو نسبتاً مستحڪم رهيو ۽ 1988 ۾ جمهوريت جي بحالي جي نتيجي ۾ بلوچ قوم پرستن قومي ڌارا ۾ آيا. جيتوڻيڪ قدرتي گئس جي رائلٽي ۽ صوبي جي قدرتي وسيلن بابت انهن جا ڪيترائي مطالبا پورا نه ٿيا،پر جمهوري حڪمراني بلوچن کي سياسي شرڪت جو احساس فراهم ڪيو.
2003 ۾ ڇڪتاڻ وڌڻ شروع ٿي، تڏھن مشرف حڪومت صوبي ۾ ٽن نئين ڇانوڻين جي منصوبن جو اعلان ڪيو. اھو، خيال مقامي سياسي قوتن کي پسند نه آيو. سيڪيورٽي اهلڪارن جي وڌندڙ مقرري بي اطمينائي کي وڌيڪ وڌايو. بلوچستان ۾، امن امان جي بحالي به وڏي حد تائين وفاقي ڪنٽرول هيٺ نيم فوجي قوتن جي ذميواري آهي. ان سان گڏ، ٻين معاملن سان گڏ، صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪري ڇڏيو آهي.ايتري قدر جو موجوده صوبائي حڪومت، جنھن کي اسٽيبلشمينٽ سھارو ڏنو آهي،ان ھوندي ڪا حقيقي طاقت نھ ٿي رکي.هڪ خيال اهو به هو ته وڌندڙ دهشتگردي ۽ احتجاج کي ‘ويڪ اپ ڪال’ طور ڏٺو ويندو.
ان سان وفاقي حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ قومپرست اڳواڻن سان گڏ ويهڻ ۽ سياسي حل ڳولڻ تي مجبور ٿيندي. پر اهو نه ٿيو. ان جي بدران، حڪومت ”سخت رياستي “ ڪميٽي قائم ڪئي.جنھن جي سربراھي وفاقي گهرو وزير ڪري رھيو آهي. هاڻي اهو سمجهڻ ڏکيو آهي ته ان جو مطلب ڇا آهي.”سخت رياست“ جو اصل مطلب ڇا آهي ان بابت ڪيترائي سوال آھن جن جواب ناھن. رياست کي رڳو تڏهن ئي مضبوط بڻائي سگهجي ٿو.جڏهن ماڻهن جي عدم اطمينان جا سبب ختم ڪيا وڃن، رڳو ڏيکاءُ نھ ڪيو وڃي. اسان صرف اميد ئي ڪري سگهون ٿا ته بهتر فيصلا ڪيا وڃن ان کان اڳ جو تمام گهڻي دير ٿي وڃي.