ڪراچي(م ڊ)ن ليگ جي سينيٽر عرفان صديقي چيو آهي ته پ پ کي شروعاتي طور تي نون ڪئنالن تي ڪو اعتراض نه هو، پ پ قوم پرستن جي احتجاج جي ڪري متحرڪ ٿي،صدر آصف علي زرداري نون ڪئنالن جي منظوري ڏئي چڪو آهي،جي ڊي اي اڳواڻ سائره بانو چيو آهي ته ڪئنالن واري اشو تي ڳالهائڻ تي اسان کي پيڪا ايڪٽ جون ڌمڪيون ملن ٿيون، بلاول 4 اپريل واري جلسي ۾ جڏهن تقرير ڪري رهيو هو ته کيس پنڊال مان ايندڙ نعرا شايد نه ٻڌي سگهيو اتي نعرا پئي لڳا ته وفاق تو سان جهيڙو آهي،پنجاب تو سان جهيڙو آهي“