لاهور قلندرز جو عمران خان انڪليوزر ۾ فوٽو شوٽ” هي ٽيم تي پابندي لڳرائيندا“

لاهور (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان سپر ليگ ( پي ايس ايل ) جي فرنچائز لاهور قلندرز ٽورنامينٽ جي ڏهين ايڊيشن لاءِ نئين جرسي جي مهورت ڪري ڇڏي.
لاهور قلندرز جي رانديگرن جرسيءَ جي مهورت کانپوءِ عمران خان انڪليوزر ۾ فوٽو شوٽ پڻ ڪرايو جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي.
وائرل وڊيو ۾ ٽيم جي ڪپتان شاهين آفريدي، سڪندر رضا، فخر زمان، آصف علي ۽ ٻين رانديگرن کي نئين ڪِٽ ۾ ڏسي سگهجي ٿو.
اِها وڊيو لاهور قذافي اسٽيڊيم جي عمران خان انڪليوزر ۾ فلمائي وئي آهي جنهن تي سوشل ميڊيا واهپيدارن طرفان دلچسپ تبصرا ڪري رهيا آهن.
هڪ واهپيدار سوال اُٿاريندي لکيو ته ” لاهور قلندرز جا رانديگر عمران خان انڪليوزر ۾ ويهي رهيا، پي سي بي ۽ نقوي صاحب کي اعتراض نه واريو، ڇا انهن کي خبر آهي؟ .“
مهوش قمس خان لکيو ته ” لاهور قلندرز ٽريلر ۾ رانديگرن عمران خان جي نالي سان قائم انڪليوزر ۾ خاص فوٽو شوٽ ڪرايو آهي، پي ٽي آءِ سپورٽرن کي اِهو عمل ڏاڍو وڻيو هوندو.“
هڪ واهپيدار حيرت جو اظهار ڪندي لکيو ته ” لڳي ٿو لاهور قلندرز تي پابندي لڳرائڻ جو ارادو آهي.“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.