گڏيل عرب امارتن جي ويزا! پاڪستانين لاءِ وڏي خوشخبري اچي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ گڏيل عرب امارتن جي سفير حماد عبيد الزعابي چيو آهي ته ويزا جا مسئلا حل ٿي ويا آهن ۽ پاڪستاني هاڻ 5 سالن لاءِ ويزا وٺي سگهن ٿا.
گورنر هائوس سنڌ مان جاري ڪيل بيان موجب اماراتي سفير اهڙن خيالن جو اظهار گورنر ڪامران ٽيسوري سان ملاقات دوران ڪيو.
ان موقعي تي تي گڏيل عرب امارتن جو قونصل جنرل بخيط عتيق الروميثي به موجود هو.
ڪامران ٽيسوري سنڌ ۾ سيڙپڪاري تي گڏيل عرب امارتن جي سفير جا ٿورا مڃيا، جڏهن ته يو اي اي جي سفير گورنر کي ڪراچي ۾ قائم ويزا سينٽر اچڻ جي دعوت ڏني.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.