اتر وزيرستان (ويب ڊيسڪ) اتر وزيرستان ضلعي ۾ ميٽرڪ جا امتحان ملتوي ڪيا ويا آهن، جڏهن ته نين تاريخن جو اعلان پوءِ ڪيو ويندو.
اتر وزيرستان ۾ ميٽرڪ جا امتحان ملتوي ٿي ويا، بنون بورڊ امتحان ملتوي ڪرڻ جي پڌرائي جاري ڪري ڇڏي آهي.
پڌرائيءَ ۾ امتحان ملتوي ڪرڻ جو سبب واضح ناهي پر اهو چيو ويو آهي ته نين تاريخن جو اعلان پوءِ ڪيو ويندو.
ذريعن موجب سيڪيورٽي خدشن سبب امتحان ملتوي ڪيا ويا آهن، شاگردن ۽ عملي جي حفاظت لاءِ امتحانن کي ڪجهه ڏينهن لاءِ ملتوي ڪيو ويو آهي.
You might also like