لاڙڪاڻي ۾ ٽماٽي جو واپاري گوليون هڻي قتل

لاڙڪاڻو (رپورٽ: عبدالوحيد ابڙو) لاڙڪاڻي ۾ اڻڄاتل جوابدار فائرنگ ڪري ٽماٽي جي واپاري کي قتل ڪري ڇڏيو.
وليد ٿاڻي جي حد معظم ڪالوني ۾ اڄ صبح اٽڪل ساڍي اٺين وڳي فتح پور واسي 45 ورهين جي الطاف ڪلهوڙي کي موٽر سائيڪل سوار اڻڄاتل جوابدار فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويو.
اطلاع تي پوليس واردات واري هنڌ پهچي لاش ضروري ڪارروائي لاءِ چانڊڪا اسپتال پهچايو، جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.