ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي بي ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر عمر گُل کي ٽيم جو بالنگ ڪوچ مقرر ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، عمر گل بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ سان ٽن مهينن جي معاهدي لاءِ راضپو ظاهر ڪيو آهي.
عمر گُل جي آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026ع تائين واڌ ڪارڪردگي ۽ گڏيل معاهدي تي اتفاق سان مشروط آهي.
اڳوڻي فاسٽ بالر بنگلاديشي ٽيم جي بالنگ ڪوچ طور پنهنجي نئين ڪردار تي خوشيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته معاهدي جي تفصيلن کي حتمي شڪل ڏني پئي وڃي، هو اِهو ڪردار نڀائڻ لاءِ پرجوش آهي.
ياد رهي ته عمر گل پاڪستان جي 2009ع واري ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ فاتح ٽيم جو حصو هو، هن پاڪستان لاءِ ٽيسٽ ۾ 163، ون ڊي ۾ 179 ۽ ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ 85 وڪيٽون ورتيون.
Next Post
You might also like