ڀان سيد آباد (رپورٽر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاهه چيو آهي ته وفاق پنهنجي هوڏ تان لهي ڪئنالن وارو فيصلو واپس وٺي، ٻي صورت ۾ پنجاب جا رستا بند ڪنداسين.
ايس يو پي جي دستخطي مهم جي سلسلي ۾ قائم ڪيمپ تي ڳالهائيندي سيد زين شاهه چيو ته هڪ ڪروڙ صحيحون ڪري ڪئنالن خلاف عالمي عدالت ۾ ڪيس وڙهنداسين، سنڌو درياهه تي ڪنهن به صورت ۾ ڪئنال ٺاهڻ نه ڏينداسين.
هن چيو ته صدر آصف علي زرداري ڪينالن جي منظوري ڏني پر پ پ قيادت اڃا تائين اهو تسليم نٿي ڪري، سنڌ جو عوام ڪينالن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندو.
سندس چوڻ هو ته درياهه سنڌ جي ست ڪروڙ عوام ۽ ٻين جاندارن جو جياپو آهي، اسان سنڌو درياهه جو ڪيس وڙھڻ نڪتا آهيون ۽ توهان جي سهڪار سان ڪامياب ٿينداسين.
You might also like