قمبر( رپورٽ:محمود شيخ)قمبر جي جاگير واري علائقي جي ڳوٺ واحد بخش چانڊيو ۾ زميني تڪرار تان چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو گوليون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ جي نتيجي ۾ ھڪ ئي ڌر جو 48 ورهين جو ممتاز علي عرف ڀٽو چانڊيو نورياڻي ٿڏي تي قتل ۽ 4 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا آهن،زخمين ۾ 30 ورهين جي عبداللطيف چانڊيو جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. جڏهن ته ٽن زخمين ۾ 65 ورهين جو امداد علي چانڊيو،40 ورهين جو منٺار علي ۽ 25 ورهين محمد ياسين چانڊيو شامل آهن، حد جي پوليس واقعي واري هنڌ دير سان پهچڻ سبب فوتي جو مڙهه ۽ زخمي ڪيترائي ڪلاڪ واقعي واري هنڌ پيل هئا جنهن کانپوءِ فوتي ۽ زخمين کي طبي امداد لاءِ قمبر اسپتال پهچايو ،سهولت جي کوٽ سبب کين لاڙڪاڻو اسپتال منتقل ڪيو ويو.