اسلام آباد (م ڊ) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر عمر ايوب چيو ته آصف زرداري پاڻ سنڌ جا ڪئنال وڪڻيا ۽ هاڻي پيپلزپارٽي وارا واڳونءَ جا ڳوڙها ڳاڙي رهيا آهن، اڄ عوامي رد عمل جي ڪري موقف تبديل ڪري رهيا آهن. پارليامينٽ هائوس ٻاهران پي ٽي آءِ اڳواڻن گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي. عمر ايوب چيو ته مردان ۾ اسان جا بيگناهه ماڻهو شهيد ٿيا، ادارا پيڪا ايڪٽ زبردستي لاڳو ڪرڻ ۾ رڌل آهن. ٻئي پاسي پي ٽي آءِ جي اطلاعاتسيڪريٽري وقاص اڪرم شيخ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته هارين کي فائدو ڏيڻ بدران پرائيويٽ سيڪٽر کي فائدو ڏنو پيو وڃي، اسان هن اسڪينڊل کي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ۾ اٿارينداسين. ڪئنالن جي معاملي تي هن چيو ته سنڌ ۾ 6 ڪئنالن تي سڀ احتجاج ڪري رهيا آهن، ن ليگ ۽ پ پ سنڌ جي ووٽ تي سدائين مزا ڪيا آهن، ڪڏهن انه پارٽين اتان جي عوام جي ڀلائي جو ناهي سوچيو، اسان زميندارن سان ٿيل ظلم تي خاموش نه ويهنداسين. هن دعويٰ ڪئي ته 24 جولاءِ جي اجلاس جا منٽس موجود آهن، آصف زرداري ڪئنالن کي جلد مڪمل ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي ۽ عوام جي احتجاج کانپوءِ هي فيصلن تان ڦري ويا. پي ٽي آءِ ائين ٿيڻ نه ڏيندي، اسان سنڌ جي ماڻهن سان گڏ آهيون.