سنڌ وارن مهاجرن کي پناهه ڏني،ڪئنال مسئلي تي انهن سان گڏ آهيون:حفيظ الدين

اسلام آباد(م ڊ) ايم ڪيو ايم جي ايم اين اي حفيظ الدين قومي اسيمبلي ۾ چيو آهي ته سنڌ وارن اسان مهاجرن کي جيءَ ۾ جايون ڏنيون،اسان انهن جا ٿورائتا آهيون،ڪئنال اشو اسان سنڌ وارن جو اشو آهي،اسان سنڌين سان گڏ آهيون،ڪراچي پاڻي لاءِ ترسي رهيو آهي،ٽئنڪر مافيا ۽ ڪراچي واٽر بورڊ هڪ مسئلو بڻجي ويا آهن ايم ڪيو ايم جي خواجا اظهار الحسن چيو ته پاڻي جي ورڇ ارسا معاهدي تي تحت ٿيڻ گهرجي،پاڻي مسئلي تي صوبن ۾ لساني ڳالهيون شروع ٿين ٿيون،ڀارت اسان جي درياهن تي ڊيم پيو ٺاهي هتي ڪو به آواز نه پيو اٿي،هن چيو ته ڪراچي کي پاڻي نٿو ملي،سنڌ وارا چون ٿا ته پاڻي لاءِ وزيراعظم سان وڃي ڳالهايو،ڪراچي جا شهري پاڻي ٽئنڪرن ذريعي خريد ڪن ٿا،ڪراچي ۾ اسان 100 ارب رپين جو پاڻي خريد ڪري رهيا آهيون

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.