افغانستان ۾ رھجي ويل آمريڪي هٿيارن جي بليڪ مارڪيٽنگ!

ذريعن بي بي سي کي ٻڌايو ته افغانستان ۾ طالبان پاران حاصل ڪيل 5 لک هٿيار يا ته ضايع ٿي ويا آهن، وڪرو ٿي چڪا  آهن يا ٻين گروپن ڏانهن اسمگل ٿي چڪا آهن. گڏيل قومن جو خيال آهي ته انهن مان ڪجهه هٿيار القاعده سان لاڳاپيل گروپن جي هٿن ۾ هليا ويا آهن.

هڪ اڳوڻي افغان عهديدار بي بي سي کي نالو ڳجھو رکڻ جي شرط تي ٻڌايو ته طالبان 2021 ۾ افغانستان تي ٻيهر ڪنٽرول کان پوءِ تقريبن ڏهه لک هٿيارن ۽ فوجي سامان تي قبضو ڪري ورتو هو.هٿيارن جي ذخيري ۾ آمريڪا جا ٺهيل هٿيار، جهڙوڪ M4 ۽ M16 رائفلون ۽افغان قبضي ۾ آيل ٻيا پراڻا هٿيار شامل هئا جيڪي ڏهاڪن جي ويڙهه کان پوءِ رھجي ويا هئا.انهن مان گھڻا پوئين افغان حڪومت کي فراهم ڪيا ويا هئا. 2021 ۾ جڏھن طالبان افغانستان ۾ اڳتي وڌيا ته ڪيترائي افغان سپاهي هٿيار ڦٽا ڪي ۽ گاڏيون ڇڏي ويا. ڪجهه سامان آمريڪي فوج ڇڏي وئي.ذريعن بي بي سي کي ٻڌايو ته طالبان گذريل سال جي آخر ۾ دوحا ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي پابندين واري ڪميٽي آڏو اعتراف ڪيو ته انهن جا اڌ هٿيار ۽ سامان هاڻي ‘غائب’ آهي.ڪميٽي جي هڪ ميمبر  موجب انھن تصديق ڪئي آهي ته پنج لک شيون غائب آهن ۽ ٻيا ذريعا ان بابت ڪا  معلومات نٿا رکن.

فيبروري ۾ گڏيل قومن هڪ رپورٽ ۾ چيو ھو ته تحريڪ طالبان پاڪستان، اسلامڪ موومينٽ آف ازبڪستان، ايسٽ ترڪستان اسلامڪ موومينٽ ۽ يمن جي انصارالله موومينٽ سميت القاعدا سان لاڳاپيل تنظيمن  طالبان جي قبضي وارن ھٿيارن تائين رسائي حاصل ڪري رھيون آهن يا انهن کي بليڪ مارڪيٽ  مان خريد ڪري رهيون آهن.

 طالبان حڪومت جي ڊپٽي ترجمان حمدالله فطرت جواب ۾ ،بي بي سي کي ٻڌايو ته اهي هٿيارن جي سيڪيورٽي ۽ ذخيري کي سنجيدگي سان وٺي رهيا آهن. "اسين سمگلنگ يا نقصان جي دعوائن کي رد ڪريون ٿا.”

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.