بلڙي شاهه ڪريم، جيڪو سنڌ جي روحاني، ثقافتي، ۽ زرعي مرڪزن مان هڪ اهم علائقو آهي، صوفي بزرگ شاهه ڪريم بلڙي واري جي نالي سان منسوب آهي. هي علائقو نه صرف پنهنجي مذهبي ۽ تاريخي حيثيت سبب مشهور آهي، پر هتي جي زرعي پيداوار به اهميت رکي ٿي. بدقسمتيءَ سان، تعلقي جو درجو حاصل ڪرڻ باوجود، بلڙي شاهه ڪريم کي بنيادي سهولتن جي شديد کوٽ آهي.
جڏهن بلڙي شاهه ڪريم کي تعلقي جو درجو ڏنو ويو، تڏهن مقامي ماڻهن ۾ اميد پيدا ٿي ته هاڻ هن علائقي ۾ ترقياتي ڪم ٿيندا، اسپتالون، اسڪول، روڊ، پاڻي ۽ ٻين بنيادي سهولتن جي فراهمي ممڪن ٿيندي. پر حقيقت ان جي ابتڙ ثابت ٿي. ڪيترائي سال گذرڻ باوجود هتي تعلقي جي حيثيت موجب آفيسون، سهولتون ۽ انفراسٽرڪچر موجود ناهي.
تعلقي جو درجو ملڻ باوجود هتي ٽائون ڪاميٽي جو انتظامي ڍانچو مڪمل فعال ناهي، جنهن سبب صفائي، روڊن جي مرمت ۽ ٻين شهري معاملن ۾ ڪابه بهتري نظر نٿي اچي. ايگريڪلچرل آفيس جي کوٽ پڻ هڪ وڏو مسئلو آهي، جنهن سبب هتان جا آبادگار جديد زراعت بابت سهولتن ۽ سرڪاري سبسڊي کان محروم آهن. جيڪڏهن زراعت لاءِ جديد طريقا اختيار ڪيا وڃن ته علائقي جي معيشت کي سگهارو بڻائي سگهجي ٿو.
بلڙي شاهه ڪريم ۾ مٺي پاڻي جي سخت کوٽ آهي. ڪيترائي ڳوٺ ۽ شهر جا علائقا اڃا تائين صاف پاڻي کان وانجهيل آهن. جنهن سبب علائقي واسي درجنين بيمارين ۾ وڪوڙيل آهن مقامي ماڻھون پنڌ ڪري پري پري کان پاڻي ڀرڻ تي مجبور آهن آر او پلانٽ پڻ ناڪاره بڻيل آهن جيڪي ڪروڙين جي لاڳت سان جڙي ته ويا پر مٺو پاڻي مهيا ڪرڻ ۾ ناڪام ويا، يا وري ناقص پاڻي واپرائڻ سبب صحت جي مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.
ان سان گڏ ڊرينج سسٽم به ناڪاره آهي. برسات پوڻ جي صورت ۾ سڄو علائقو پاڻيءَ هيٺ اچي ويندو آهي، ڇو ته نيڪال جو ڪو مناسب انتظام ڪونهي. گٽرن جي پاڻي سبب بيماريون ڦهلجن ٿيون، پر انتظاميه اڃا تائين خاموش تماشائي بڻيل آهي. جيڪڏهن موثر ڊرينج سسٽم تي ڪم ڪيو وڃي ته هي مسئلو مستقل طور ختم ٿي سگهي ٿو.
تعليم جي ميدان ۾ به بلڙي شاهه ڪريم سخت بحران جو شڪار آهي. پرائمري اسڪولن ۾ استادن جي کوٽ سبب ڪيترائي اسڪول بند پيا آهن. جيترا استاد مقرر ٿيل آهن، تن مان به گهڻا اسڪولن ۾ غير حاضر رهن ٿا. ٻئي طرف، جتي استاد آهن، اتي اسڪولن جون بلڊنگون زبون حال آهن. ڪيترن ئي اسڪولن جي ڇتين مان ليڪ ٿي ٿي، فرنيچر نه هجڻ برابر آهي، ۽ ٻارڙن کي ويهڻ لاءِ مناسب جڳهه به نه ٿي ملي.
انهيءَ سان گڏ، هتي هائير سيڪنڊري اسڪولن ۽ ڪاليجن جي کوٽ پڻ انتهائي سنجيده مسئلو آهي، جنهن سبب شاگردن کي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ٻين شهرن ڏانهن وڃڻو پوي ٿو. جيڪڏهن نئين اسڪولن ۽ ڪاليجن جي تعمير ڪئي وڃي ته علائقي جي نوجوان نسل جو مستقبل روشن ٿي سگهي ٿو.
بلڙي شاهه ڪريم تعلقي ۾ ڪا به باقاعدي سرڪاري اسپتال موجود ناهي، ۽ ننڍڙا صحت مرڪز به غيرفعال آهن. ماڻهو اڃا تائين ٽنڊو محمد خان يا حيدرآباد وڃي علاج ڪرائڻ تي مجبور آهن. مقامي اسپتال جي اڻاٺ سبب ڪيترائي ماڻهو بروقت طبي امداد نه ملڻ سبب فوت ٿي چڪا آهن. 24 ڪلاڪ ايمرجنسي سروس سان گڏ هڪ جديد اسپتال جو قيام ضروري آهي.
هتي جي عوام جو وڏو خدشو اهو به آهي ته حڪمرانن ۽ سياسي نمائندن طرفان فقط ووٽ وٺڻ لاءِ وڏا واعدا ڪيا ويندا آهن، پر عمل جي نوبت نٿي اچي. ترقياتي بجيٽ هجي يا فنڊ، انهن جو ڪو به استعمال نظر نٿو اچي.
بلڙي شاهه ڪريم تعلقي جي عوام لاءِ ضروري آهي ته:
ٽائون ڪاميٽي کي فعال ڪيو وڃي ته جيئن علائقي ۾ بنيادي سهولتون بهتر ٿي سگهن.
ايگريڪلچرل آفيس قائم ڪئي وڃي ته جيئن هتان جا آبادگار جديد زراعت جي سهولتن مان فائدو وٺي سگهن.
مٺي پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي ۽ نيون واٽر سپلاءِ اسڪيمون شروع ڪيون وڃن.
ڊرينج سسٽم جي مرمت ۽ نئين سر بحالي لاءِ تڪڙا اپاءَ ورتا وڃن.
پرائمري ۽ هائير سيڪنڊري اسڪولن ۾ استادن جي کوٽ ختم ڪئي وڃي ۽ زبون حال اسڪولن جي مرمت ڪئي وڃي.
علائقي ۾ مڪمل سرڪاري اسپتال قائم ڪئي وڃي ته جيئن صحت جون سهولتون عام شهرين کي سندن دروازن تي مهيا ٿي سگهن.
ترقياتي فنڊن جي شفافيت يقيني بڻائي وڃي ته جيئن مقامي نمائندا صحيح نموني علائقي جي بهتريءَ لاءِ ڪم ڪري سگهن.
روڊن ۽ ٽرانسپورٽ جي بهتري لاءِ اپاءَ ورتا وڃن ته جيئن ماڻهن کي سفر ۾ آساني ٿئي.
بلڙي شاهه ڪريم جو تعلقي هجڻ رڳو ڪاغذي طور تي محدود آهي، پر عملي طور تي علائقي جا ماڻهو ساڳين مسئلن ۾ ڦاٿل آهن. حڪومت کي گهرجي ته هو هن علائقي جي ترقي تي ڌيان ڏئي ۽ ماڻهن جي بنيادي مسئلن جو حل ڪڍي. جيڪڏهن هاڻ به بي ڌيانيءَ جو مظاهرو ڪيو ويو، ته مقامي ماڻهو پنهنجي حقن لاءِ احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي سگهن ٿا.