وڏي وزير پاران چوري جي موبائيل فونن، گاڏين ۽ موٽرسائيڪلن بابت اهم هدايتون جاري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه دڪانن تي تي هر نئين ۽ استعمال ٿيل موبائيل فونز جي خريد ۽ وڪرو جو رڪارڊ ٺاهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. 

وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ امن امان جي صورتحال تي اجلاس ٿيو جنهن ۾ شرجيل ميمڻ، ضياءَ الحسن لنجار، آءِ سي جي سنڌ سميت بين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. 

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته صوبي ۾ امن امان کي هر صورت ۾ بهتر ڪيو ويندو. 

مراد علي شاهه لاڙڪاڻي۽ سکر ڊويزن ۾ پوليسنگ کي وڌيڪ اثرائتو ۽ مضبوظ بڻائڻ جي هدايت ڪئي. 

هن چيو ته صوبي ۾ مڪمل ڪاغذن وارن موبائيل فونز جي خريد ۽ وڪرو جي اجازت آهي، ڪراچي ملڪ جي وڏي موبائيل مارڪيٽ آهي، ڪاروبار ڪندڙن کي واضح پيغام ڏيو، دڪانن تي هر نئين ۽ استعمال ٿيل موبائيل فونز جي خريد ۽ وڪرو جو باظابطا رڪارڊ موجود هئڻ گهرجي. 

وڏي وزير چوري جي ڪارن ۽ موٽر سائيڪلن جي اسپيئر پارٽس جي خريد ۽ وڪرو بابت پڻ تفصيل گڏ ڪن. 

اجلاس دوران آءِ جي پوليس بريفنگ ڏيندي چيو ته  چوري جي گاڏين جي سامان جو ڪاروبار ڪرڻ تي 234 اسڪريپ ڊيلرز کي گرفتار ڪيو ويو آهي، موبائيل مارڪيٽس ايسوسيئيشن سان خريد ۽ وڪرو بابت معاملا طئي ٿي چڪا آهن، چوري ٿيل موبائل فونز جي آءِ ايم ايز کولڻ جو ڪم ڪندڙن خلاف ڪارروائيون ڪيون ويون آهن. 

وڏي وزير آءِ جي سنڌ کي هدايت ڪئي ته سادا ڪپڙا پهريل هٿياربندن خلاف زيرو ٽالرنس آهي، سادو لباس پهريل اهلڪارن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.