نيوسعيد آباد(رپورٽ: مشتاق راهو) نيوسعيد آباد جي دبئي ۾ رهندڙ ٻن نوجوانن سنڌو درياهه سان محبت جو انوکو مثال قائم ڪري ورتو.
تڪراي ڪئنالن خلاف نيوسعيد آباد سان تعلق رکندڙ نوجوانن غلام علي راھو ۽ اسرار راهو دبئي لڳ عربي سمنڊ جي 50 فوٽ پاڻي جي گهرائي ۾ وڃي ”6 ڪينال نامنظور، نامنظور“ ”نومور ڪئنالز آن انڊس“ جي نعرن واري بينر کڻي سمنڊ جي پاڻي ۾ اندر احتجاج رڪارڊ ڪرايو.
نيو سعيد آباد جي ڳوٺ حاجي گلاب راهو جي ٻن نوجوان اسراراحمد راهو ۽ غلام علي راهو جي اهڙو انوکو احتجاج رڪارڊ ڪرائي پنهنجي سنڌوءَ سان محبت جو انوکو مثال قائم ڪيو آهي.
نوجوانن جو چوڻ هو ته سنڌو درياهه مٿان ڌاڙو هڻي، سنڌ کي غير آباد ڪرڻ جو منصوبو جوڙيندڙن کي سنڌ واسي ڪڏهن به معاف نه ڪندا.
Next Post
You might also like