ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ارسا جي جوڙجڪ، چولستان ۽ ٿل ڪئنالن جي اڏاوت لاءِ پاڻي جي دستيابي جي سرٽيفڪيٽ خلاف داخل درخواست تي اسٽي آرڊر جاري ڪري ڇڏيو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ارسا جي جوڙجڪ ۽ ڪئنالن جي تعمير لاءِ پاڻي جي دستيابي بابت سرٽيفڪيٽ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن تي وفاقي حڪومت جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت گهري ورتي.
عدالت وفاقي حڪومت کي 18 اپريل تائين تفصيلي جواب طلب ڪري ورتو آهي.
درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته ارسا ۾ سنڌ جي نمائندگي لاءِ ڪو به وفاقي رڪن مقرر نه ڪيو ويو آهي، جنهن سبب ارسا جي جوڙجڪ غيرقانوني آهي.
وڪيل چيو ته ارسا جي غيرقانوني جوڙجڪ کانپوءِ جاري ڪيل سمورا فيصلا به غيرقانوني آهن، ارسا 25 جنوري تي چولستان ۽ ٿل ڪئنالن جي اڏاوت لاءِ پاڻي جي فراهمي جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو هو.
درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته قانوني طور تي ارسا جي سرٽيفڪيٽ خلاف عدالتي اسٽي آرڊر کانپوءِ ڄاڻايل ڪئنالن تي اڏاوتي ڪم روڪڻ گهرجي.
ٻئي پاسي ٻڌڻي کانپوءِ ميڊيا سينيٽر بئريسٽر ضمير گھمرو چيو آهي ته 1992ع جي ارسا ايڪٽ تحت پاڻيءَ جي ورڇ بابت جيڪي فيصلا ٿيا هئا، انهن جي بنياد تي ارسا پاران جاري ڪيل سرٽيفڪيٽ مڪمل طور تي غير قانوني آهي.
ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بئريسٽر ضمير گهمرو چيو ته آبادگار قربان ميتلو پاران عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائي وئي هئي، جنهن کانپوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ نون ڪئنالن جي اڏاوت تي عارضي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.
عدالت ارسا جي سرٽيفڪيٽ تي اسٽي آرڊر جاري ڪري ڇڏيو، ڪئنال نٿا ٺهي سگهن: ضمير گهمرو
You might also like