لاهور (بيورو) پاڪستان ڪسان رابطا ڪميٽي 13 اپريل تي سڄي ملڪ ۾ ڪئنال ڪڍڻ خلاف ۽ ٻين مطالبن لاءِ احتجاج جو اعلان ڪيو آهي. ڪسان رابطا ڪميٽي اڳواڻ فاروق طارق چيو ته سندن هڪ وڏو جلسو کچا کوهه ۾ ٿيندو. هن چيو ته ڪڻڪ جي گهٽ ۾ گهٽ سرڪاري قيمت 4000 رپيا مقرر ڪئي وڃي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ سنڌو مان ڪئنال ڪڍڻ جي تعمير فوري طور بند ڪئي وڃي. هارين ۽ آبادگارن کي اڳوڻين رهتن جي ادائيگي جا نوٽيس واپس ورتا وڃن. هي صرف دٻاءُ وڌائڻ لاءِ نئون حربو استعمال ڪيو ويو آهي. آبادگارن جي زمين ڪارپوريٽ سيڪٽر جي بدران آبادگارن جي نالي ڪئي وڃي.