حڪمران ڪئنالن واري فيصلي تي نظرثاني ڪن:اياز چانڊيو

ميهڙ(ن ع آ)عوامي جمهوري پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ ملير بار جي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ اياز چانڊيو ايڊووڪيٽ اسحاق گاڏھي ، ايڊووڪيٽ غلام مصطفيٰ چانڊيو سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته پ پ پ 15 سالن کان اقتدار ۾ آھي پر ان باوجود سنڌ جي حالت انتھائي خراب آھي،روڊ رستا ۽ امن امان تباھ ٿيل آھي . سنڌو درياء تي قبضي جي ڪوشش پئي ٿئي، درياهه تي ڌاڙي ۾ پ پ پ ۽ نوازليگ ھڪ جيتريون ڏوھاري آھن. سنڌ جا ماڻهو سراپا احتجاج آھن ھر ماڻھو احتجاج ڪري رھيو آھي پ پ پ ڪارڪن به پارٽي پاليسي جي ابتڙ درياھ تي ڌاڙي خلاف احتجاج ڪري رھيا آھن،هنن چيو ته گرين پاڪستان جي نالي تي ادارا قبضي جي ڪوشش ڪري رھيا آھن،سنڌ جا ماڻھو انھن منصوبن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندا. ادارن جو ڪم ڪاروبار ڪرڻ ، ڪارخانا ھلائڻ ، زمينون آباد ڪرڻ ناھي،هنن چيو ته ملڪ اندر توڙي بارڊر تي جنگ جي صورتحال آھي . بلوچستان ۾ رياست نالي ڪا شي ناھي،اھڙي صورتحال ۾ صوبن اندر ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ گھرجي .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.