چمبڙ ويجهو معصوم ٻار سيوريج جي پاڻي ۾ ٻڏي فوت

ٽنڊوالھيار( ڊ ر) تعلقي چمبڙ جي ڳوٺ نصير خان لغاري ۾ 10 ورھين جو معصوم ٻارڙو راشد ولد نعيم منڱڻھار سيوريج جيپاڻي ۾ ڪري پوڻ سبب فوت ٿي ويو. ڳوٺاڻن پنھنجي مدد پاڻ تحت ٻڏي ويل ٻارڙي کي ٻاھر ڪڍيو. گھر ڀاتين ۾ اطلاع ملڻ تي ڪھرام مچي ويو ۽ ٻار جي والده کي بيھوشي جا دورا پئجي ويا. پنھنجي جگر جي ٽڪري سان ٻکين پئجي روئڻ لڳي وئي. معصوم جي المناڪ موت سبب علائقي ۾ سوڳ جو سمان طاري ٿي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.