بي اين پي مارچ جي رستا روڪ، اڄ هڙتال، سڄو بلوچستان مزاحمت جو مرڪز بڻجندو:اختر مينگل

ڪوئيٽا/مستونگ(م ڊ) بلوچستان ۾ ماهه رنگ ۽ ٻين جي گرفتارين خلاف بي اين پي کي ڪوئيٽا طرف مارچ جي اجازت ڏيڻ بدران اختر مينگل کي نظر بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، جڏهن ته بلوچستان جي سياسي پارٽين اڄ سڄي صوبي ۾ هڙتال جو اعلان ڪيو آهي. ڪوئيٽا ۾ بلوچستان نيشنل پارٽي (بي اين پي) جي سينئر نائب صدر ساجد ترين، آغا حسن بلوچ، عوامي نيشنل پارٽي ۽ جمهوري وطن پارٽي جي اڳواڻن بي اين پي جي لانگ مارچ جو رستو روڪڻ خلاف شٽر ڊائون هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو. ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بي اين پي جي سينئر نائب صدر ساجد ترين ۽ ٻين سياسي جماعتن جي اڳواڻن اعلان ڪيو ته بلوچستان ۾ اڄ شٽر ڊائون هڙتال ڪئي ويندي، ٻين سياسي جماعتن سان مشاورت کانپوءِ وڌيڪ احتجاج جو اعلان ڪيو ويندو. هن چيو ته لانگ مارچ ڪوئيٽا ڏانهن روانو ٿيڻ جو اعلان ڪيو هو، پر لڪ پاس کان لانگ مارچ کي ڪوئيٽا اچڻ کان روڪڻ لاءِ وڏا فوجي ۽ پوليس دستا مقرر ڪيا ويا آهن. بلوچستان نيشنل پارٽي جي طرفان ميڊيا سيل بي اين پي جي ايڪس اڪاؤنٽ تي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته  لڪ پاس ڌرڻي کي خطاب ڪندي اخترمينگل چيو ته رياست اسان کي ڪچلڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، پر اسان ڪنڌ جھڪائڻ وارا ناهيون، ڌرڻو جاري رهندو، اسان سموري بلوچستان کي مزاحمت جو مرڪز بڻائينداسين. ان کان ٿوري وقت اڳ، بلوچستان نيشنل پارٽي جي انهي ئي ايڪس اڪاؤنٽ تان اها دعويٰ ڪئي وئي ته "ڪوئيٽا سونا خان چوڪ تي سيڪيورٽي فورسز طرفان پرامن ڪارڪنن تي شيلنگ ڪئي وئي آهي. هوڏانهن بلوچستان حڪومت جي ترجمان شاهد رند جو چوڻ آهي ته "جيڪڏهن بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه سردار اختر مينگل ڪوئيٽا جي طرف مارچ ڪندو ته کيس حراست ۾ ورتو ويندو. شاهد رند  چيو ته انتظاميه صبح 6 وڳي اختر مينگل کي انهن جي گرفتاري جي ايم پي او آرڊر بابت آگاهه ڪيو هو. ان باوجود، بي اين پي جي سربراهه اختر مينگل گرفتاري ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. شاهد رند پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته "بي اين پي طرفان قومي شاهراهه بند ڪرڻ جو سڏ ڏيڻ سان شهرين کي ڏکيائي ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.