تڪراري ڪئنالن خلاف پورهيت مزاحمت تحريڪ جي ڇتو چنڊ کان ٺٽي تائين ريلي

ٺٽو(رپورٽ: منصور جلالاڻي) سنڌو درياهه تي تڪراري ڪئنال ٺاھڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمينگ خلاف پورھيت مزاحمت تحريڪ پاران سوين ڪارڪنن جي ڇتوچنڊ شھر کان ٺٽي تائين 7 ڪلوميٽر پرجوش ريلي، ”ڪئنال سمورا نامنظور“ ” زمينن تي قبضو نامنظور“ جھڙا اڀ ڏاريندڙ نعرا. پورھيت مزاحمت تحريڪ جي مرڪزي صدر مسرور شاھ، سلمان جاکرو. اعجاز جاکرو، جبار ڀنڀرو، باغي جاکرو، فيضان ميمڻ، سيد ذاڪر شاھ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  ڇتوچنڊ کان مارچ ڪيو، مارچ ٺٽو حيدرآباد قومي شاھراھ جو 7 ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪري پريس ڪلب ٺٽو اڳيان پھتي، مارچ ۾ شريڪ سوين نوجوان ڪئنال سمورا نامنظور جا نعرا ھڻندا رھيا مارچ ۾ ايس ٽي پي ضلعي صدر سيد جلال شاھ،جسقم جي وسيم ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياءُ تي ڌاڙو هڻي نوان ڪئنال ڪڍي سنڌ سڪائي ملڪ جي سالميت سان کيڏيو پيو وڃي سنڌ جو ھر فرد سراپا احتجاج بڻيل آھي ھنن چيو ته پنجاب ھميشه سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو ھنيو آھي، سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ اڌ صدي جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آھي، ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي زمينن تي قبضا ڪيا پيا وڃن، سنڌي ماڻھن کي پنھنجي ئي زمينن مان بيدخل ڪيو پيو وڃي، سنڌ جو ماڻھو ڪارپوريٽ فارمنگ کي به رد ڪري ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.