حيدرآباد(رپورٽ: حسيب لطيفي) سنڌو درياءُ بچايو تحريڪ جي ڪنوينر ۽ سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاهه خطاب ڪندي چيو ته سنڌ تيزي سان جيتري تبديل ٿي آهي ان جي خبر اسٽيبلشمينٽ, حڪمرانن, سنڌ جي ڏوهارين ۽ چورن کي به خبر نه هئي. سنڌو درياءُ بچايو تحريڪ پاران سنڌو درياءُ مان 6 نوان ڪينال ڪڍڻ خلاف سڪرنڊ کان حيدرآباد تائين سيد زين شاهه جي اڳواڻي ۾ بيداري مارچ ڪيو ويو، مارچ حيدرآباد جي مختلف علائقن هٽڙي باءِ پاس, هالاناڪو, سٽي گيٽ, هيرآباد ۽ تلڪ چاڙهي کان ٿيندو حيدر چوڪ تي پهتو, جتي جلسو منعقد ڪيو ويو. جتي خطاب ڪندي زين شاهه ته ڪالهه يونين ڪائونسلن, ٽائون ڪميٽين ۽ ميونسپل ڪارپوريشن جا پيسا لٽيا ۽ ملازمن کي کڻي آيا, پر جلسو نه ڪري سگهيا, مٿان آصف زرداري جي پٽ تقرير ڪري ٻوڙ هاري ڇڏيو. پ پ وارن کي چوان ٿو ته سٺو اٿو فيصلو مٽايو ۽ سنڌو درياءُ جي ڦرلٽ ڪرڻ واري سازش کان پوئتي هٽو. هن چيو ته ايس آءِ ايف سي جهڙو ادارو ٺاهي، اهو ادارو تيل, گئس, زمين ۽ درياءُ جو مالڪ بڻجي ويو آهي, هنن فيڊريشن کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته ايس آءِ ايف سي جي ذريعي 73ع جي آئين کي ختم ڪيو ويو آهي, 26 هين ترميم ڪري عدالتن کي مفلوج ڪري پيڪا ايڪٽ آڻي صحافت تي حملو ڪيو ويو. هن چيو ته هٿ ٺوڪي ۽ فراڊ اليڪشن ڪرائي وئي. ملڪ کي قيد خانو بڻايو ويو آهي, هتي صحافت ۽ سياست آزاد ناهي, هاڻ وري سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي جي سازش ڪئي وئي آهي, بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ۾ باهه ٻريل آهي, سنڌ ۾ سياسي ڪارڪنن تي ڪوڙا ڪيس پيا وڃن. هن چيو ته ملڪ جي ڪمپني سرڪاري ملڪيت جي مالڪي جا حق تبديل ڪري ڇڏيا آهن, ڪمپني سرڪار اسان جا قدرتي وسيلا, سمنڊ, زمينون ۽ درياءُ خانگي ڪمپنين حوالي ڪري رهي آهي. هن چيو ته آئون زرداري, گيلاني ۽ قائم علي شاهه جي دور جا منظور ڪيل منصوبا سنڌو درياءُ تي ڏسي آيو آهيان, هاڻ وري ساڳي جماعت ۽ ساڳين ئي حڪمرانن سنڌو درياءُ تي ٻيا نوان ڪينال ٺاهڻ جي سازش ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ايس آءِ ايف سي ۽ گرين پاڪستان انيشيٽو ھن ملڪ جي بنيادي تصور کي ختم ڪري ڇڏي ٿو, جيڪڏهن اهي ٻئي ادارا ختم نه ڪيا ويا ته فيڊريشن کي نقصان ٿيندو. قومي اسيمبلي جي موجودہ جوڙجڪ قبول ناهي. برابري کانسواءِ فيڊريشن نه هلي سگهندي. گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي بيهڪ ۽ جوڙجڪ به اڻبرابري جي بنياد تي آهي. اهڙي گڏيل مفادن واري ڪائونسل مان به جيڪڏهن سنڌو درياءُ ۽ سنڌ دشمن فيصلو آيو ته ان کي قبول نه ڪنداسين. ملڪ کي مهذب انداز, انصاف ۽ برابري جي بنياد تي هلايو, سنڌ گرم ته ڏاڍي گرم آهي, ان جو مونکي به اندازو نه هو, سنڌ وڏي مزاحمت جي لاءِ تيار آهي. هن چيو ته ميڊيا کي به شابس هجي جيڪا سختين باوجود پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن چيو ته جعلي سسٽم ختم ڪري ٽن مهينن اندر صاف ۽ شفاف چوندون ڪرايون وڃن.
ڪراچي/حيدرآباد/ سکر( نمائندا) سنڌو درياءُ بچايو تحريڪ ريلي ھزارين گاڏين جي قافلي سان ايس يو پي جي مرڪزي صدر سيد زين شاه جي اڳواڻيءَ ۾ سڪرنڊ کان حيدرآباد رواني ٿي ته سڪرنڊ ۾ مختلف هنڌن تي اجرڪون اوڍائي ۽ گلابن جي پتين جي ورکا ڪري سيد زين شاه جو استقبال ڪيو ويو. ساڻس جي ڊي اي جو مرڪزي اڳواڻ صفدر عباسي، قومي عوامي تحريڪ جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راهوجو پڻ گڏ ھئا. ريلي جو سڪرنڊ پهچڻ تي جماعت اسلامي سڪرنڊ سميت صابو راهو اسٽاپ , مير خان لغاري اسٽاپ تي گل نڇاور ڪري شاندار استقبال ڪيو ويو. نيو سعيدآباد ۾ قافلي جي آجيان لاءِ قومي شاهراھ تي وک وک تي عورتن سميت مختلف طبقن سان تعلق رکندڙ سوين ماڻھن پاران آجيان ڪري گلن جي ورکا ڪئي وئي، سيد زين شاھ ۽ سندس ساٿين کي اجرڪون ۽ لونگيون پڻ پارايون ويون . کيبر ۾ سنڌو درياءُ بچايو تحريڪ جي ھزارين گاڏين جي قافلي جو کيبر،کنڊو، سيکاٽ، بائوديرو سميت ٻين ننڍن وڏن اسٽاپن تي استقبال ڪيو ويو. کيبر ۾ پير لالا اظھر حسين نوحپوٽو، سلمان لطيف سومرو ، تنوير سومرو ، قادر ڀچو ، راڻو مل جي ڊي اي اڳواڻ الله بچايو ملاح ۽ ٻين جي قيادت ۾ اجرڪون اوڍائي گلن جي پتين جي ورکا ڪري سيد زين شاھ جو شاندار استقبال ڪيو ويو. سنڌوءَ تي ڌاڙو نا منظور، تو سنڌ کپائي زرداري، سنڌو اسان جو ساھ آ، جا نعرا هنيا ويا. ان موقعي تي سيد زين شاه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پيپلز پارٽي اقتدار جي لالچ ۾ سنڌ جي زمينن، وسيلن ۽ سنڌوءَ جو سودو ڪري ڇڏيو آهي. هو سنڌ سان سچا آهن ته صدر زرداريءَ پاران 8 جولاءِ 2024 تي ڏنل منظوري واپس وٺن، ان موقعي تي پي ٽي آئي اڳواڻ حليم عادل شيخ ، جي ڊي اي اڳواڻ صفدر عباسي، قومي عوامي تحريڪ جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راهو جو ، روشن ٻرڙو پڻ گڏ ھئا. بائوديرو ۾ مجلس وحدت المسلمين ۽ ٻين تنظيمن پاران شاندار استقبال ڪيو ويو. ھالا بائي پاس تي بھزاد سي اين جي تي ھالا جي سماجي رھنما عامر بھزاد ميمڻ طرفان استقباليه ڪيمپ تي ھزارين ماڻھن درياءَ بچايو تحريڪ جي ڪنوينر زين شاهه جو شاندار استقبال ڪيو . کنڊو ۾ پي ٽي آئي سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ ۽ سيڪريٽري نازش ڀٽي استقبال ڪيو. سنڌو بچايو تحريڪ جي مارچ هزارين ماڻهون موجود ڪينالن خلاف نعريبازي ڪئي پئي وئي. سيد زين شاهه خطاب ڪندي چيو ته تڪراري ڪينال سنڌ جي جياپي جو مسئلو آھي. اسان اڄ ان جي مزاحمت نه ڪئي ته سنڌ جو نالو ڌرتي تان ميسارجي ويندو. هن چيو ته سنڌي قوم پنھنجي گھرن مان ٻاھر نڪري مزاحمت ڪري. هن چيو ته صدر آصف زرداري ھڪ طرف ڪينالن جي منظوري ڏيئي فنڊ رکيا آھن ته ٻئي پاسي وري پ پ مظلوم بڻجي احتجاج ڪري رھي آھي. پ پ وارن کان پڇيو وڃي ته سندن احتجاج ڪنھن جي خلاف آھي. هن چيو ته بلاول ڀٽو ٻين جي ڊڪٽيشن تي هلڻ بند ڪري ۽ حڪومت کان ڌار ٿي، بلاول ڀٽو زرداري اسان سان احتجاج ۾ شامل ٿئي باقي سنڌ جي ماڻهن کي مطمئن ڪرڻ لاءِ لولي پاپ ڏيڻ بند ڪري. حليم عادل شيخ چيو ته زرداري جي بيماري هڪ بهانو آهي، خدا سڀني کي اهڙي بيماري کان بچائي، پيپلزپارٽيءَ کي ماڻهو هر هنڌ گهٽ وڌ ڳالهائي رهيا آهن، اسان پي ٽي آءِ حڪومت ۾ ڊيمن کي رد ڪري ڇڏيو هو.