جي يو آءِ سنڌوءَ مان 6 ڪئنال ڪڍڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جعميت علماءَ اسلام (جي يو آءِ-ف) جي سينيئر اڳواڻ مولانا عبدالغفور حيدري چيو آهي ته اسان سنڌو درياهه مان ڇهه ڪئنال ڪڍڻ واري رٿا جا مخالف آهيون.
جاري ڪيل بيان ۾ مولانا عبدالغفور حيدري چيو ته سنڌ درياهه جي پاڻي تي چئني صوبن جي ڪوٽا مقرر آهي، جي يو آءِ ڇهن ڪئنالن جي مخالفت ڪري ٿي.
هن چيو ته سنڌو مان ڇهه ڪئنال ڪڍڻ واري رٿا ختم ڪئي وڃي، هن وقت سنڌ ۽ سموريون سياسي ڌريون ان معاملي تي سراپا احتجاج آهن.
جي يو آءِ اڳواڻ چيو ته پيپلز پارٽي ڇهن ڪئنالن واري معاهدي تي صحيحون ڪيون، هاڻي پي پي قيادت عوامي دٻاءُ سبب پريشان آهي.
هن وڌيڪ چيو ته سنڌو مان ڪئنال ڪڍڻ وارو منصوبو ٻين صوبن سان زيادتي ۽ نفرت جو سبب بڻجندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.