سعودي پاڪستان سميت 14 ملڪن تي ويزا پابندي مڙهي ڇڏي

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب حج سيزن تحت پاڪستان سميت 14ملڪن تي عارضي ويزا پابندي لڳائي ڇڏي.
ذريعن موجب، پابندي عمري، ڪاروباري ۽ فيملي ويزائن تي لاڳو هوندي، ويزا پابنديون جون جي وچ ڌاران ختم ٿيڻ جو امڪان آهي.
سفارتي ذريعن جو چوڻ آهي ته عمري جي ويزا رکندڙ 13 اپريل تائين سعودي عرب ۾ داخل ٿي سگهندا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پابندي مڙهيل ملڪن ۾پاڪستان، ڀارت، بنگلاديش، مصر، انڊونيشيا، عراق، نائيجيريا، اردن، الجزائر، سوڊان، ايٿوپيا، تيونس ۽ يمن فهرست ۾ شامل آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.