پاڪستان ريلوي جو خوشحال خان خٽڪ بحال ڪرڻ جو اعلان

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ريلوي خوشحال خان خٽڪ ايڪسپريس جي بحالي جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ريلوي اختيارين موجب، اپريل جي آخر ۾ خوشحال خان خٽڪ ايڪسپريس ٻيهر بحال ڪئي ويندي.
اختيارين جو چوڻ آهي ته خوشحال خان خٽڪ 2020ع ۾ ڪورونا وبا دوران بند ڪئي وئي هئي.
خوشحال خان خٽڪ سنڌ، ڏکڻ پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جي علائقن کي هڪٻئي سان جوڙي ٿي.
ڪراچي کان نڪرندڙ هيءَ ريل گاڏي، ڪوٽڙي، سيوهڻ، لاڙڪاڻو، شڪارپور، جيڪب آباد، ڪشمور، راڄن پور، ڊيرا غازي خان، ڪوٽ ادو، بکر، ميانوالي، جنڊ، اٽڪ، اڪوڙا خٽڪ کان ٿيندي پشاور ڇانوڻي تائين جو سفر طئي ڪري ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.