پاڪستان سپر ليگ شروع ٿيڻ واري آهي، رانديگر سٺو پرفارم ڪندا: محمد رضوان

مائونٽ مينگنوئي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي ون ڊي ٽيم جي ڪپتان محمد رضوان نيوزيلينڊ هٿان وائيٽ واش تي پنهنجي غلطي تسليم ڪري ورتي.
ميچ کانپوءِ ڳالهائيندي محمد رضوان چيو ته تنقيد ڪرڻ توهان جو حق آهي، ليڊر طور پنهنجي غلطي مڃان ٿو، ڪيئي غلطيون ڪيون جن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.
هن چيو ته اسان 40 اوورن تائين سٺو کيڏون ٿا، پر فنش نه پيا ڪري سگهون، راند بابت ڄاڻ جي کوٽ آهي.
محمد رضوان چيو ته ٽي ٽوئنٽي مان ڊراپ ڪرڻ جو فيصلو سليڪشن ڪميٽي جو هو، جنهن کي قبول ڪيو.
قومي ڪپتان جو چوڻ هو ته نيوزيلينڊ اسان کي هر شعبي ۾ آئوٽ ڪلاس ڪيو، ڪيوي ٽيم ايشين ڪنڊيشن ۾ سٺي ڪرڪيٽ کيڏي هئي.
هن چيو ته پاڪستان سپر ليگ شروع ٿيڻ واري آهي، رانديگرن مان بهترين ڪارڪردگي جي اميد آهي.
واضح رهي ته نيوزيلينڊ پاڪستان کي ٽئين ۽ آخري ون ڊي ۾ شڪست ڏئي ٽن ميچن جي سيريز 0-3 تان کٽي ورتي آهي.
ون ڊي سيريز کان اڳ نيوزيلينڊ ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ به پاڪستان کي 1-4 تان مات ڏني هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.