نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست اتر پرديش جي شهر بريلي ۾ شادي جي 25هين سالگرهه تي زال سان گڏ رقص ڪندڙ مڙس اوچتو لاڏاڻو ڪري ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب 50 ورهين جي واپاري وسيم ثروت شادي جي 25هين سالگرهه وڏي پيماني تي ملهائڻ جو اهتمام ڪيو ۽ هڪ تقريب رکي، جنهن ۾ گهر ڀاتين، ويجهن مائٽن ۽ دوستن شرڪت ڪئي.
وسيم ثروت ۽ فرح مهمانن جي موجودگي ۾ اسٽيج تي رقص ڪيو، جنهن کانپوءِ ٻنهي کي گڏجي ڪيڪ ڪاٽڻو هو پر ان کان اڳ ئي خوشي جي تقريب ماتم ۾ تبديل ٿي وئي.
سوشل ميڊيا تي وائرل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته وسيم ثروت گهرواري فرح سان گڏ رقص ڪندي اوچتو هيٺ ڪري ٿو پئي.
وسيم ثروت کي فوري طور اسپتال نيو ويو، جتي ڊاڪٽرن کيس مئل قرار ڏنو سندس موت جو ڪارڻ دل جو دورو ٻڌايو.
You might also like