نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) پاڪستان چئن سالن لاءِ گڏيل قومن جي منشيات بابت ڪميشن جو ميمبر چونڊجي ويو.
پاڪستان جي چونڊ نيويارڪ ۾ يو اين اقتصادي ۽ سماجي ڪائونسل جي چونڊن دوران عمل ۾ آئي, پاڪستان کي 2026 کان 2029 تائين چئن سالن جي مدي لاءِ چونڊيو ويو آهي.
پاڪستان يو اين مشن طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان يو اين اقتصادی ۽ سماجي ڪائونسل جي حمايت تي ٿورائتو آهي.
پڌرائي موجب، منشيات بابت ڪميشن جو رڪن چونڊجڻ پاڪستان تي اعتماد ۽ يقين کي ظاهر ڪري ٿو، جڏهن ته پاڪستان منشيات جي خاتمي لاءِ عالمي ڪوششن ۾ پنهنجو اثرائتو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
Next Post
You might also like