هاردِڪ پانڊيا جو آءِ پي ايل ۾ تاريخي ڪارنامو

لکنئو(ويب ڊيسڪ) ڀارتي آل رائونڊر ۽ انڊين پريميئر ليگ ( آءِ پي ايل ) جي فرنچائز ممبئي انڊينز جي ڪپتان هاردِڪ پانڊيا نئين تاريخ لکي ڇڏي.
جمعي ڏينهن آءِ پي ايل ۾ ممبئي انڊينز جي ڪپتان هاردڪ پانڊيا لکنئو سپر جائنٽس خلاف اهڙو ڪارنامو انجام ڏنو جيڪو آءِ پي ايل جي 17 سالن جي تاريخ ۾ ڪوئي ڪپتان نه ڏئي سگهيو.
ممبئي انڊينز خلاف لکنئو سپر جائنٽس مقرر 20 اوورن ۾ اٺ وڪيٽن جي نقصان تي 203 رنسون ٺاهيون، ممبئي طرفان ڪپتان پانڊيا شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪندي چئن اوورن ۾ 36 رنسون ڏئي پنج وڪيٽون ورتيون، اهڙي طرح هو آءِ پي ايل جي تاريخ ۾ پنج شڪار ڪندڙ پهريون ڪپتان بڻجي ويو.
پانڊيا ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن ميچ ۾ پنج وڪيٽون ورتيون آهن.
لکنئو سپر جائنٽس جي 204 رنسن جي ممبئي انڊينز جي ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ پنج وڪيٽن جي نقصان تي 191 رنسون ٺاهي سگهي ۽ 12 رنسن تان ميچ هارائي وئي.
واضح رهي ته ان کان اڳ آءِ پي ايل جي تاريخ ۾ ڪنهن به ڪپتان جي بهترين بالنگ پرفارمنس 16 رنسن عيوض 4 وڪيٽون هيون، جيڪي 2009ع ۾ رائل چئلينجرز بئنلگورو جي ڪپتان انيل ڪمبلي حاصل ڪيون هيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.