آءِ ايم ايف سان ڪيل هڙئي واعدا پورا ڪيا، اِهو پروگرام پاڪستان لاءِ ضروري آهي: ناڻي وارو وزير

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته ملڪي معيشت صحيح رخ ۾ اڳتي وڌي رهي آهي ۽ هاڻ معاشي استحڪام حاصل ٿي چڪو آهي، جنهن کي هاڻي پائيدار معاشي استحڪام ۾ تبديل ڪرڻو آهي.
هڪ بيان ۾ ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته ملڪي ناڻي جي مٽا سٽا ذخيرن ۾ واڌ ٿي رهي آهي، معيشت صحيح رخ ۾ اڳتي وڌي رهي آهي ۽ هاڻ معاشي استحڪام حاصل ٿي چڪو آهي، سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيو آهي، پر ملڪ ۾ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ ضروري آهي ۽ هاڻ معاشي استحڪام کي پائيدار بڻائڻو آهي.
هن چيو ته مهانگائي ۾ گهٽتائي جا فائدا عام ماڻهن تائين پهچائڻ لاءِ صوبائي چيف سيڪريٽرين سان لڳاتار رابطي ۾ آهيون.
ناڻي واري وزير چيو ته بئنڪنگ شعبي جو معيشت ۾ اهم ڪردار آهي، ملڪ ۾ سيمينٽ ۽ گاڏين جي پيداوار وڌي آهي، جڏهن ته روز مره جي شين جي اگهن جي نگراني لاءِ ادارا جوڙي رهيا آهيون .
هن ٻڌايو ته ڪجهه ڏينهن اڳ آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول معاهدو طئي ٿيو، اسان سندن سڀ شرط پورا ڪيا ۽ اهو معاهدو پاڪستان جي سٺي ڪارڪردگي جي بنياد تي ٿيو، جيئن ئي آءِ ايم ايف جو بورڊ منظوري ڏيندو، هڪ ارب ڊالر ملي ويندا.
محمد اورنگزيب چيو ته آءِ ايم ايف سان ڪيل واعدا پورا ڪيا ۽ اهو پروگرام پاڪستان لاءِ ضروري آهي، آءِ ايم ايف سان موسمياتي مالي مدد بابت ڳالهيون پڻ ڪامياب رهيون.
آءِ ايم ايف مشن جي اچڻ بابت خبرن تي ناڻي واري وزير وضاحت ڪئي ته اڃا تائين ڪو به وفد پاڪستان ناهي آيو، خبر ناهي اهڙا افواهه ڪير پکيڙي رهيو آهي، آءِ ايم ايف جو مشن مئي ۾ پاڪستان جو دورو ڪندو.
محمد اورنگزيب چيو ته جيڪي ڏکيا فيصلا ڪرڻا هئا، اهي ماضي ۾ نه ڪيا ويا، ملڪ ۾ اڳ به معاشي استحڪام آيو هو ۽ جون جي آخر تائين ٽيڪس ٽو جي ڊي پي شرح 10.6 سيڪڙو تائين حاصل ڪري وٺنداسين جڏهن ته هلندڙ مالي سال جي معاشي واڌ جي شرح 3 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.