پي ٽي آءِ ۾ اندروني اختلاف چوٽ چڙهي ويا، پارٽي اڳواڻن جا هڪٻئي تي سنگين الزام

پشاور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي مرڪزي قيادت ۾ اختلاف وڌي ويا.
پي ٽي آءِ جي ايم اين اي شهرام خان ترڪئي مرڪزي قيادت کان مطالبو ڪيو آهي ته خيبر پختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي بيان بابت جاچ ڪئي وڃي.
شهرام ترڪئي چيو آهي ته اهڙن بيانن سان پارٽي جي باني جي تحريڪ کي نقصان رسي سگهي ٿو، جڏهن ته اسان جي ڌيان جو مرڪز عمران خان ۽ بيگناهه ڪارڪنن جي آزادي هئڻ گهرجي.
سندس چوڻ هو ته وڏي وزير کي صوبي ۾ امن امان جي بحالي ۽ سٺي حڪمراني تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.
واضح رهي ته علي امين گنڊاپور گذريل ڏينهن پارٽي جي ڪجهه اڳواڻن تي سازشن جو الزام هنيو هو.
ٻئي پاسي خيبر پختونخوا جي اڳوڻي ناڻي واري وزير تيمور جھڳڙا پاڻ تي مڙهيل گهوٻين جي الزامن جي جاچ لاءِ عمران خان طرفان جوڙيل احتساب ڪميٽي طرفان موڪليل سوالنامو سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيو.
هوڏانهن پي ٽي آءِ جي احتساب ڪميٽي تيمور جھڳڙا خلاف مڪمل جاچ لاءِ پارٽي باني عمران خان کان اجازت وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ڪميٽي موجب، اجازت ملڻ کانپوءِ ناڻي ۽ صحت جي کاتن ۾ مبينا ڪرپشن ۽ گهوٻين بابت جاچ شروع ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.