لاڙڪاڻو/نئون ديرو( رپورٽ: عبدالوحيد ابڙو+ محمد علي جروار) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول 18 اپريل تي حيدرآباد ۾ جلسي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته سنڌو تي وڌيڪ ڪو به ڪئنال منظور ناهن، حڪومت وفاق کي نقصان پهچائڻ وارو فيصلو واپس وٺي. ڳڙهي خدا بخش ۾ اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي 46 هين ورسي کي خطاب ڪندي بلاولچيو ته عوام ڪئنالن خلاف هوندو ته پ پ وفاقي حڪومت سان نه پر عوام سان هوندي. پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ ڪارڪنن هن علم کي بلند رکيو آهي. اسان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جا وارث آهيون. هن چيو ته صدر آصف زرداري ڳڙهي خدابخش سان هڪ ٻيو واعدو پورو ڪيو آهي. صدر زرداري ان کان اڳ صدارتي ريفرنس ذريعي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي انصاف ڏياريو. بلاول جو چوڻ هو ته اسان سياست کي خدمت سمجهيو آهي، اسان سياست کي نفرت ڦهلائڻ، تقسيم ڪرڻ ۽ ماڻهن کي پاڻ ۾ وڙهائڻ نه سمجهيو آهي. هن چيو ته دنيا کي ان ڳالهه تي قائل ڪيو ته موسمياتي تبديلين جي سبب جيڪو اسان جو نقصان ٿي رهيو آهي، ان ۾ اسان جو نه پر توهان جو قصور آهي. پيپلزپارٽي جي چيئرمين وڌيڪ چيو ته مان عالمي دنيا ۽ وفاقي حڪومت جو شڪريو ادا ٿو ڪيان جو هنن هن منصوبي ۾ اسانجو ساٿ ڏنو آهي، ۽ ان منصوبه کي ڪاميابي سان اڳتي وڌايو پيو وڃي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته موسميات جي تبديلين جي جنگ، جنهن ۾ پاڻي جي منصفاڻي ورڇ جو جنگ آهي، پاڪستان جي اها جنگ آهي جنهن کي مان عالمي سطح تي وڙهي آيو آهيان، جڏهن مان پرڏيهي وزير هئس، تڏهن عالمي دنيا کي قائل ڪيو هو ته اسانجي دريا سنڌ کي بچائڻو آهي، انهن کي چيو ته اچو، پاڪستان جو ساٿ ڏيو. پيپلزپارٽي جي چيئرمين چيو ته هڪ وقت ۾ "مائيٽي انڊس” (عظيم دريا سنڌ) چيو ويندو هو، جنهن کي اسان کي بچائڻو آهي. اسان کي مالياتي طور تي انڊس بيسن کي فعال ڪرڻ ۾ مدد ڪندا، اهڙي طرح، دريا سنڌ کي بچائڻ ۾ ٽيڪنيڪي طور ساٿ ڏيندا. هن چيو ته ڀارت هڪ طرفا فيصلا ڪري رهيو آهي، ڀارت پاڻي تي ڌاڙو هڻي پيو ته مان ڀارت جو مقابلو ڪري آيو آهيان، اسان دنيا کي ٻڌايو ته پاڻي تي پڇڙي وارن جا حق مڃڻا پوندا. هن وڌيڪ چيو ته آئيني ترميم ڪري ماحوليات جي موضوع کي آئين ۾ شامل ڪرايو. پيپلزپارٽي جي چيئرمين چيو ته حڪومت اسان سان طئي ڪيو هو ته چئني صوبن جا ترقياتي منصوبا مسلم ليگ (ن) ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي گڏجي ٺاهينديون، هاڻ جيڪڏهن اسڪيمون نه مليون ته اسان ڪنهن به بجيٽ کي ووٽ نه ڏينداسين. بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته اسان پاڪستان کپي چوڻ وارا آهيون، جڏهن ته اهي دهشتگرد پاڪستان کي ٽوڙڻ چاهين ٿا، شهيد بي بي واعدو ڪيو هو ته مان پاڪستان جو جهنڊو سوات ۾ ڦڙڪائيندس، اهو ڪم پيپلزپارٽي ڪري ڏيکاريو. هن چيو ته بلوچستان جي حالتن جو فائدو وٺي جيڪي پاڪستان کي نقصان پهچائڻ چاهين ٿا، اسان انهن جو رستو روڪينداسين. پيپلزپارٽي جي چيئرمين چيو ته جيڪي سنڌ ۾ نفرت ۽ ورهاست جي سياست ڪرڻ چاهين ٿا، انهن کي پڻ پيپلزپارٽي جواب ڏيندي، جيستائين پاڻي جي منصفاڻي ورڇ جو سوال آهي ته اسان جي تاريخ توهانجي سامهون آهي، تڪراري ڊيم جي منصوبي کي ڪنهن روڪيو؟ اها شهيد بينظير ڀٽو هئي. هن چيو ته بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ پيپلزپارٽي ان منصوبي کي دفن ڪيو، گجر خان جي جيالي راجا پرويز اشرف، وزيرِ پاڻي طور اهو اعلان ڪيو هو ته اهو منصوبو دفن ٿي چڪو آهي، هاڻي ڪينالن جي مخالفت ڪيون ٿا. هن چيو ته هزارين سالن کان نسل در نسل اسان جو هڪ ئي ڪم آهي، دريائن سان رهڻ ۽ فصل پوکڻ.هن چيو ته مشرف جا تڪراري فيصلا هجن يا هڪ طرفا ڪينالن جا فيصلا هجن، يا عمران خان جا هڪ طرفه فيصلا هجن، پاڪستان پيپلزپارٽي جا ڪارڪنن اها جدوجهد ڪندي پوڙها ٿي ويا "سنڌو تي ڪينال نامنظور”. پيپلزپارٽي جي چيئرمين چيو ته ارسا جي رپورٽ پڙهو، جيڪا پنجاب ۾ پاڻي جي قلت بابت ڇا چوي ٿي، جتي پنجاب جي هاري جي شڪايت آهي ته پاڻي جي کوٽ آهي، ڏکڻ پنجاب جي ڪاشتڪارن کي نقصان ٿيندو، پيپلزپارٽي ئي ملڪ ۾ پاڻي جي منصفاڻي ورڇ جو ڪيس وڙهي رهي آهي. هن چيو ته شهباز شريف اسان کي ڇڏي ڏي، هي عوام جو مطالبو آهي، جيڪڏهن عوام واهن جي خلاف آهي ته پيپلز پارٽي عوام سان گڏ هوندي، جيڪڏهن ڀائر گڏ رهڻ چاهين ٿا ته تڪراري منصوبو واپس وٺڻو پوندو.