سنڌو مان ڪئنال ڪڍي ملڪ ٽوڙڻ جي ڪوشش نه ڪريو\جونيئر ذوالفقار

لاڙڪاڻو )رپورٽ: عبدالوحيد  ابڙو) مير مرتضيٰ جي فرزند جونيئر ذوالفقار چيو آهي ته سنڌو مان ڪئنال ڪڍي ملڪ ٽوڙڻ جي ڪوشش نه ڪريو. لاڙڪاڻي جي جناح باغ چوڪ تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي سندس پوٽي، جونيئر ذوالفقار علي ڀٽوجي جلسي ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي. جلسي کي جذباتيخطاب ڪندي جونيئر ذوالفقار ڀٽو جذباتي چيو ته شهيد ڀٽو جي مزار تي محل ته ٺهيو پر عوام لاءِ ڪجهه نه ٺهيو.  لاڙڪاڻي ۾ قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 46 ورسي جي موقعي تي رائل چونڪ لاڙڪاڻو تي  پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو جي اڳواڻ مير مرتضيٰ جي فرزند جونيئر ذوالفقار  علي ڀٽو جي اڳواڻي ۾ سنڌودرياء مان نڪرندڙ تڪراري غير قانوني 6 ڪئنالن خلاف ۽ لاڙڪاڻي شهر جي اقليتي برادري سان اظهار يڪجهتي ۽ معصوم نينگري پريا ڪماري جي بازيابي ۽ واپاري برادري جي ٻن نوجوانن جي قتل خلاف تاريخي جلسو ڪيو. ان موقعي تي سياسي سماجي ۽ مذهبي ڌرين ۽ پورهيتن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. جنهن ۾ پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو جي اڳواڻ جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو جي ڊي اي اڳواڻ صفدر علي عباسي اڳوڻي ايم پي اي سردار معظم خان عباسي لاڙڪاڻو هاء ڪورٽ بار جو صدر اطهر عباس سولنگي ڊسٽرڪٽ بار جو نائب جاويد بليدي سردار علي ڏنو خان انڙ ۽ خاڪسار تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ عبدالوحيد ابڙو جي يو آء جي اڳواڻ محبت علي کهڙو  عنايت علي عمراڻي حاجي بگن علي خاصخيلي لياقت علي عمراڻي بابو سرور سيال ايڊ ووڪيٽ غلام سجاد   ابڙو قائد عوام پريس ڪلب جي ٽيم نائب صدر عبدالهادي ڀنگر جنرل سيڪريٽري مجاهد علي ڪلهوڙو عبدالمجيد اوڊاڻو، امان الله کوسو، ساجد شيخ، امير بخش لاڙ ۽ ٻيا موجود هيا. ان موقعي تي  جونيئر ذوالفقار ڀٽو جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته ڪنهن به صورت ۾ ڪئنال ڪڊڻ نه ڏينداسين جيستائين سنڌ ڌرتي جو هڪ به غيرت مند ماڻهو زندهه هوندو سنڌو درياء مان ڪئنال هر گز ڪڊڻ نه ڏينداسين. اسان آصف زرداري کي اهو پيغام ڏيون ٿا ته هو پنهنجو فيصلو واپس وٺي نه ته ٻي صورت ۾ سنڌ جو عوام انهن جا رستا روڪ ڪندو. هن چيو ته صدر کي فيصلو واپس وٺڻ جو حق آهي هو جلد فيصلو واپس وٺي. جي ڊي اي اڳواڻ صفدر علي عباسي جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياء سنڌي ماڻهن جو جياپو آهي، سنڌو درياء مان غير قانوني نڪرندڙ ڪئنال ڪڏهن به ٺهڻ نه ڏينداسين. هاء ڪورٽ بارجي صدر اطهر عباس سولنگی  چيو ته اسان صدر آصف علي زرداري کي ميڊيا زريعي اهو ميسيج ٿا ڏيون ته 6 ڪئنالن وارو غير قانوني فيصلو پنهنجو واپس وٺي صدر کي اهو اختيار آهي هو پنهنجو فيصلو واپس وٺي سگهي ٿو انسان  جو پاڻي جياپو آهي جيڪڏهن سنڌ کي پاڻي نه مليو ته هنن وڻن مان ساوڪ ختم ٿي ويندي اسان جا ڍڳا ڊور جانور سڀ پاڻي جي ڪري تڙپندا، ائين نه ٿي جو سنڌ جو عوام توهان کي غدار جو نالو ڏين اڳوڻي ايم پي اي معظم عباسي چيو ته سنڌ مان تڪراري 6 ڪئنال غير قانوني آهن اسان اهي هرگز به ٺهڻ نه ڏينداسين ۽ اسان پنهنجي جان جا نظرانه ڏئي به ڪئنال ٺهڻ هرگز نه ڏينداسين اسان جو پاڻي زندگي جو جياپو آهي اسان هرگز ڪئنال ٺهڻ نه ڏيبداسين، جونيئر ذوالفقار آخر ۾ چيو ته منهنجو جيئڻ مرڻ عوام سان آهي جيستائين منهنجي جسم ۾ ساه آهي مان سنڌ جي عوام سان گڏ آهيان آخر ۾ جيئي عوام جا نعرا لڳايا ويا . هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو بادشاهه، شهنشاهه يا سلطان نه هو، عوام جو خادم هو.تو سمجهيو اسان ختم ٿي ويا آهيون…پر اڄ لاڙڪاڻي آهيون.شهيد ڀٽو عوام جو نوڪر هيو ان جي قبر مٿان محل اڏائي ڇڏيو اٿن. اسان بابا سان گڏ ويندا هئاسين ته فقيري رنگ هوندو هيو پر هاڻي محل اڏيو اٿن. جونيئر ذوالفقار آخر ۾ چيو ته منهنجو جيئڻ ميڻ عوام سان آهي جيستائين منهنجي جسم ۾ ساه آهي مان سنڌ جي عوام سان گڏ آهيان آخر ۾ جيئي عوام جا نعرا لڳايا ويا .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.