اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف صدر آصف علي زرداري سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن ۾ وزيراعظم صدر آصف زرداري کان خيريت دريافت ڪئي. هن صدر جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي ۽ سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف رمضان رليف پيڪيج تي ڪم ڪندڙ ٽيم ۽ مددگار ادارن جي بهترين ڪارڪردگي جي تعريف ڪئي ۽ هدايت ڪئي ته ٻين سرڪاري اسڪيمن ۾ به ان ماڊل کي اختيار ڪيو وڃي. وزيراعظم جي صدارت هيٺ وزيراعظم جي رمضان رليف پيڪيج 2025 جي حوالي سان جائزو اجلاس ٿيو. وزيراعظم چيو ته هن پيڪيج کي شفاف بڻائڻ لاءِ اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان، بي آءِ ايس پي، پي ٽي اي، نادرا ۽ ٻين مددگار ادارن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن.
-
صدر خلاف پوسٽ ڪرڻ تي پوليس اهلڪار گرفتار
ڪراچي (م ڊ) ڪراچي ۾ هڪ پوليس آفيسر کي سوشل ميڊيا تي صدر خلاف توهين جوڳي پوسٽ ڪرڻ تي پي اي سي اي آرڊيننس تحت ڪيس داخل ڪرڻ کان پوءِ گرفتارڪيو ويو. سکن پوليس ايس آءِ او ابراهيم حيدري خلاف پي اي سي اي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ۽ اسٽيشن انويسٽيگيشن آفيسر ابرار شاهه کي گرفتار ڪيو. پوليس موجب، جاچ آفيسر ابرار شاهه فيس بڪ تي 2 اپريل تي پوسٽ ڪئي جنهن ۾ صدر آصف علي زرداري خلاف گٿا لفظ لکيل هئا. جوابدار خلاف ڪيس ڊيوٽي آفيسر يعقوب جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو. ڪيس ۾ چيو ويو ته ابرار شاهه انگريزي ۾ ڪمينٽ لکيو جنهن ۾ اهم عهدي تي ويٺل شخصيت ڏانهن اشارو ڪيو، اهو فعل پيڪا ايڪٽ جي قلم 504 پي پي سي 21 جي حد تي پهچي ٿو.