بلوچستان جي عورتن بابت پ پ جي روايت کي قائم رکنداسين: سرفراز بگٽي

نئون ديرو(ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 46 هين ورسي جلسي جي مک تقريب کي خطابڪندي چيو ته پاڪستان واسي بلوچستان جون حالتون ڏسي پريشان آهن مان خاطري ٿو ڏياريان ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻيءَ ۾ پيپلز پارٽي بلوچستان کي دٻڻ ۽ دهشتگردي مان نجات ڏياري ساهه پٽيندي. هن چيو ته مخالف بلوچستان ۾ تنقيد ڪري رهيا آهن بلوچستان ۾ جيڪا دهشتگردي آهي ان خلاف اسان جي پارٽي جي قيادت شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو، صدر آصف علي زرداري بيٺا رهيا ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري دهشتگردن جي اکين ۾ اکيون ملائي ڳالهه ڪئي، مان واعدو ٿو ڪيان ته اسان نه اڳ دهشتگردن اڳيان هٿيار ڦٽا ڪيا ۽ نه هاڻي ڦٽا ڪنداسين، پيپلز پارٽي بلوچستان کي حقوق بلوچستان، اسڪالرشپ پروگرام سميت ٻيا منصوبا ڏئي بلوچستان وارن کي ڳلي سان لڳايو، اڄ به بلوچستان جي عورتن جي حوالي سان پيپلز پارٽي جي جيڪا روايت آهي اسين ان کي قائم رکنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.