دنيا جي سگهارن پاسپورٽن جي فهرست جاري، پاڪستان جو ڪائون نمبر؟

پاسپورٽ رينڪنگ بابت نئين فهرست جاري ڪئي وئي آهي، جنهن موجب پاڪستاني پاسپورٽ هڪ ڀيرو ٻيهر دنيا جي ڪمزور ترين پاسپورٽن ۾ شامل ٿي ويو آهي.
ڪنهن به ملڪ جي پاسپورٽ جي درجابندي لاءِ پنج اهم پهلو نظر ۾ رکيا وڃن ٿا، جن جي بنياد تي رينڪنگ طئي ڪئي ويندي آهي. جن ۾ ويزا فري سفر جي سهولت 50 سيڪڙو، شهرين تي ٽيڪس جو لاڳو نه ٿيڻ 20 سيڪڙو، ملڪ بابت عوامي تاثر 10 سيڪڙو، ٻٽي شهريت جي اجازت 10 سيڪڙو ۽ ذاتي آزادي 10 سيڪڙو شامل آهن.
نوماڊ ڪيمپيٽلسٽ طرفان 2025ع لاءِ جاري ڪيل رينڪنگ موجب، دنيا جو سڀ کان سگهارو پاسپورٽ يورپي ملڪ آئرلينڊ جو قرار ڏنو ويو آهي.
رپورٽ موجب، آئرلينڊ 109 پوائنٽن سان فهرست ۾ ٽاپ تي آهي، جتان جا شهري 176 ملڪن ۾ ويزا وٺڻ کانسواءِ سفر ڪري سگهن ٿا، جڏهن ته اتي شهرين تي 30 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو آهي ۽ اظهار جي آزادي جا 50 مان 50 پوائنٽس ڏنا ويا آهن.
هن فهرست ۾ سوئيٽرزلينڊ ٻئي، يونان ٽئين، پرتگال چوٿين ۽ مالٽا پنجين نمبر تي موجود آهي.
پاڪستاني پاسپورٽ 32 پوائنٽن سان فهرست ۾ 195 هين نمبر تي آهي، جيڪو ان کي دنيا جي بدترين پاسپورٽن واري فهرست ۾ آڻي بيهاري ٿو.
پاڪستان کانپوءِ عراق، اريٽيريا، يمن شامل آهن، جڏهن ته سڀ کان ڪمزور پاسپورٽ افغانستان جو آهي، جنهن جو فهرست ۾ 199 هون نمبر آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.