انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز ۾ عام شهرين جون شهادتون برداشت نه ڪنداسين: گنڊاپور

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته ننڍن انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز ۾ عام شهرين جون شهادتون کي برداشت نه ڪنداسين وفاقي حڪومت ۽ وفاقي وزيرن تي افسوس آهي جن عام شهرين جي موت کي اهڙي نموني پيش ڪيو ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي ناهي.
خيبرپختونخوا جي وڏي وزير پريس ڪانفرنس ڪندي ڪاٽلنگ ۾ ٿيل ڊرون حملي ۾ ڏهن شهرين جي موت واري واقعي بابت ڳالهائيندي چيو ته انٽيليجنس آپريشن ۾ اسان جا ڏهه معصومه شهري جن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل هئا شهيد ٿي ويا، هو ان واقعي جي مذمت ڪن ٿا ۽ اِها سندن ذميواري آهي ته شهرين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
هن چيو ته هر شئي تي سياست نه ڪئي وڃي، مون کي وفاقي حڪومت ۽ وفاقي وزيرن تي افسوس ٿئي ٿو ته جنهن نموني اسان اسان جا شهري شهيد ٿيا ۽ هنن ان واقعي کي اهڙو رنگ ڏنو ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي نه آهي جڏهن ته اِها سندن ناڪامي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته انهن علائقن ۾ جتي دهشتگردن جي موجودگي جو اطلاع ملي ٿو، اتي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ٿيندا رهندا آهن ۽ ان ۾ فوج ۽ ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا گڏجي ڪم ڪندا آهن پر ڪاٽلنگ آپريشن بابت صوبائي حڪومت اڻڄاڻ هئي ۽ نه ئي اسان جي پوليس کي ڪا ڄاڻ هئي، اهو آپريشن وفاقي حڪومت جي ماتحت ادارن جو هو.

افغان پناهگير کي زبردستي نه ڪڍي ويندو
خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور اعلان ڪيو آهي ته خيبرپختونخوا ۾ ڪنهن افغان پناهگير کي زبردستي نه ڪڍي ويندو.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي علي امين گنڊاپور جو چوڻ هو ته افغان پناهگيرن بابت اسان جون روايتون به آهن، جيڪي افغان پناهگير عزت سان وڃڻ چاهين ٿا کين سهولتون ڏينداسين.
هن چيو ته افغان پناهگيرن کي ڪنهن به صورت ۾ زبردستي تڙي ڪڍڻ جي خلاف آهيون، خيبرپختونخوا مان ڪنهن به پناهگير کي زور نه ڪڍيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.