پاڪستان سپر ليگ جي ڏهين سيزن جون تياريون شروع

لاهور (ويب ڊيسڪ) 11 اپريل کان شروع ٿيندڙ پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي ڏھين سيزن جي مشهوری مهم لاءِ پنجاب جي راڄڌاني لاهور ۾ سرگرميون شروع ٿي ويون آهن .
لاھور جي علائقي گلبرگ مين بليوارڊ ۽ لبرٽي مارڪيٽ چوڪ کي پي ايس ايل فرنچائزز جي نالن سان سينگاريو ويو آهي.
ان کان کانسواءِ آدم قد پي ايس ايل ايڪس به شوقينن جي نگاھن جو مرڪز بڻيل آهي، مين بليوارڊ تي رنگين روشنيون ماحول کي جڳمڳائي رهيون آهن، جتي مختلف ٽيمن جا پرستار تصويرون ٺاهڻ ۾ مصروف آھن.
ياد رهي ته پاڪستان سپر ليگ 10 جا مقابلا 11 اپريل کان شروع ٿيندا، جنهن دوران ۾ 18 مئي تائين ڪراچي، لاھور، ملتان ۽ راولپنڊي ۾ ميچون کيڏيون وينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.