احمد آباد (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪي جو فاسٽ بالر ڪگيسو رباڊا انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) 2025 ۾ رڳو ٻه ميچون کيڏڻ کانپوءِ اوچتو وطن واپس هليو ويو .
آءِ پي ايل فرنچائز گجرات ٽائيٽنز جي نمائندگي ڪندڙ فاسٽ بالر ڪگيسو رباڊا کي آءِ پي ايل جي جاري سيزن لاءِ 10 ڪروڙ 75 لک ڀارتي رپين ۾ خريد ڪيو ويو هو.
گجرات ٽائيٽنز پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته رباڊا ذاتي سببن ڪري واپس ڏکڻ آفريڪا ويو آهي ۽ سندس واپسي بابت ڪا به وضاحت نه ڏني وئي آهي.
ھلندڙ سيزن دوران رباڊا پنجاب ڪنگز ۽ ممبئي انڊينز خلاف رڳو ٻه ميچون کيڏيون، جن ۾ ترتيبوار 41 ۽ 42 رنس ڏئي هڪ هڪ وڪيٽ ورتي ھئي.
واضح رهي ته رباڊا 2017 ۾ آءِ پي ايل ۾ ڊيبيو ڪيو هو ۽ هو ان کان اڳ دهلي ڪيپيٽلز ۽ پنجاب ڪنگز لاءِ کيڏي چڪو آهي ۽ مجموعي طور آءِ پي ايل جي 82 ميچن ۾ 119 وڪيٽون ورتيون آھن.
You might also like