واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) جي سربراهه ڪرسٽالينا جورجيوا آمريڪا جي نون ٽيرف (واپاري ٽيڪس) کي عالمي معيشت لاءِ وڏو خطرو قرار ڏئي ڇڏيو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، آءِ ايم ايف جي سربراهه چيو آهي ته آمريڪا طرفان نوان واپاري ٽيرف لاڳو ڪرڻ سان عالمي معيشت لاءِ وڏو خطرو آھن، دنيا ۾ معاشي اوسر جي واڌ جي رفتار اڳ ئي گهٽ آهي.
ڪرسٽالينا جورجيوا آمريڪا تي زور ڀريو ته هو پنهنجن واپاري ساٿين سان سهڪار ڪري ۽ اهڙن قدمن کان پاسو ڪري، جيڪي عالمي معاشي صورتحال لاءِ وڌيڪ نقصان جو سبب بڻجن.
ٽرمپ جو غريب ملڪن تي ٽيرف لڳائڻ جو اعلان
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ خميس ڏينهن وائٽ هائوس ۾ هڪ ايگزيڪيٽو آرڊر تي صحيحون ڪندي، ڪيترن ئي ملڪن تي جوابي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو.
عالمي ردعمل ۽ تنقيد
ڪئناڊا جي وزيراعظم مارڪ ڪارني آمريڪي ٽيرف جي خلاف جوابي ڪاروائي جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته آسٽريليا ان فيصلي کي غير ضروري قرار ڏنو آهي.
اٽلي جي وزيراعظم چيو ته يورپي يونين تي ٽيرف لاڳو ڪرڻ غلط آهي، جڏهن ته آئرلينڊ جي وزيراعظم چيو ته يورپي يونين کي آمريڪي ٽيرف جو مناسب جواب ڏيڻ گهرجي.
آمريڪي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تاريخي ٻاڙائي
ٽيڪس وڌائڻ واري اعلان کانپوءِ آمريڪي اسٽاڪ مارڪيٽ 1500 پوائنٽن تائين ڪِري پئي، جنهن کي ڪووڊ وبا کانپوءِ سڀ کان خراب ڪارڪردگي قرار ڏني پئي وڃي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، آمريڪا جي اعلان کانپوءِ دنيا جون مالي مارڪيٽون به دٻاءَ هيٺ اچي ويون آهن، پر سڀ کان گهڻو نقصان آمريڪا جي اسٽاڪ مارڪيٽ کي ٿيو آهي.
You might also like