ڪنري (رپورٽ: وسرام چند مڪواڻا) سنڌو درياھ مان 6 ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي خلاف ڪنري واسي سراپا احتجاج بڻيل آھن، جيئي سنڌ قومي محاذ آريسر گروپ جي سڏ تي مير موري اسٽاپ کان پنڌ مارچ ڪيو ويو، مارچ ڪنري شھر پھتو ته مٿس گلن جي ورکا ڪري آجيان ڪئي وئي جنھن بعد مارچ مک آمريڪن چوڪ پھتو جتي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو. مارچ ۽ نٽھڻ اس ۾ لڳل ڌرڻي ۾ قومپرست اڳواڻن، هارين، آبادگارن، ٻارن، نوجوانن، وڪيلن ۽ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، مارچ ۾ شريڪ ماڻھن هٿن ۾ پينافليڪس ۽ جھنڊا کڻي ڪئنال سمورا نامنظور، سنڌو تي ڌاڙو نامنظور، سنڌ سڪائڻ بند ڪريو جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا، ان موقعي تي اڳواڻن ذيشان چانڊيو،امتياز چانڊيو،محمد رمضان خاصخيلي،ڊاڪٽر خوشحال ملاڻي،سرائي رحيم خاصخيلي،محمد علي جوڻيجو، غلام نبي خاصخيلي،يونس چانڊيو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌو ۾ اسان جو ساھ آهي ۽ سنڌو درياھ اسان جي زندگي، موت ۽ معاش جو ذريعو آھي سنڌو درياھ مان 6 نوان ڪئنال نڪرڻ سان سنڌ بنجر بڻجي ويندي، پ پ سدائين سنڌي ماڻھن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو آھي هن ڀيري ٺڳي جي حد ڪندي پاڻ لکي ڏئي وري پاڻ پيا احتجاج ڪن، سنڌي عوام پنھنجو فيصلو ڏئي ڇڏيو آھي ته هڪ ڦڙو به کڻڻ نه ڏينداسين