مستونگ ۾ بي اين پي جو ڌرڻو جاري، حڪومت کي ڏنل ڊيڊ لائن ختم ٿي وئي: اختر مينگل

ڪوئيٽا/مستونگ (م ڊ) بلوچستان جي ضلعي مستونگ ۾ بلوچستان نيشنل پارٽي (بي اين پي-مينگل) پاران انساني حقن جي ڪارڪنن جي گرفتاريوں خلاف ستين ڏينهن به ڌرڻو جاري رهيو. مستونگ ۾  جاري ڌرڻي ۾ بي اين پي قيادت، سياسي ۽ قبائلي اڳواڻن کان علاوه لاپتا ماڻهن جي وارثن پڻ شرڪت ڪئي آهي، جڏهن ته گذريل ڏينهن گرينڊ اپوزيشن جا اڳواڻ پڻ ڌرڻي ۾ شرڪت ڪري سردار اختر مينگل سان يڪجهتي جو اظهار ڪري چڪا آهن.  ياد رهي ته سردار اختر مينگل بلوچ يڪجهتي ڪاميٽي (بي وائي سي) جي چيف آرگنائيزر ڊاڪٽر ماه رنگ بلوچ ۽ ٻين اڳواڻن جي گرفتاريون ۽ ڌرڻي تي پوليس جي ڪارروائي خلاف 25 مارچ تي وڍ کان ڪوئيٽا تائين ‘لانگ مارچ’ جو اعلان ڪيو هو. 26 مارچ تي بي اين پي-مينگل دعويٰ ڪئي هئي ته ان جي 250 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، جڏهن ته مارچ مستونگ جي ويجهو پهچڻ کان پوءِ هڪ آپگهاتي ڌماڪي هڪ خودڪش حملو  به ٿيو هو.ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي بلوچستان نيشنل پارٽي  مينگل جي سربراهه چيو ته حڪومت طاقت جي استعمال جو شوق پورا ڪري، امن ۽ امان جي سموري ذميواري حڪومت تي هوندي. هن چيو ته حڪومتي  ٽيم سان ڳالهين جو ٻيو  رائونڊ ختم ٿيڻ باوجود ڊيڊ لاڪ اڃا تائين برقرار آهي، جڏهن ته اسان جا 3 مطالبا آهن جن ۾ عورتن سميت بلوچ يڪجهتي ڪاميٽي جا سڀ قيدي آزاد ڪيا وڃن، يا اسان کي ڪوئيٽا وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي جيئن اسين اتي پرامن ڌرڻو هڻي سگهون يا پوءِ اسان کي گرفتار ڪيو وڃي. اختر مينگل چيو ته ان کان سواءِ  اسان جو ڪو مطالبو ناهي ۽ نه ئي ڪو آپشن آهي جڏهن ته مون انهن کي 2 ڏينهن جي ڊيڊ لائن ڏني آهي جيڪا اڄ رات ختم ٿي وڃي ٿي. بي اين پي جي مرڪزي اڳواڻ اڳوڻ سينيٽر ثنا بلوچ ڊان ڊاٽ ڪام سان ڳالهائيندي چيو ته بلوچستان جون سڀئي قومي شاهراهون حڪومت جي نااهلي جي ڪري بند آهن، جڏهن ته اسان جو ڌرڻو مستونگ قومي شاهراهه جي هڪ طرف جاري آهي ۽ اسان ڪنهن به قومي شاهراهه کي بند نه ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.