اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين جون هدايتون؟ بئريسٽر سيف جو ردعمل اچي ويو

پشاور (م ڊ) خيبر پختونخوا جي اطلاعات صلاحڪار بئريسٽر ڊاڪٽر محمد علي سيف، ميڊيا ذريعي اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين وارين خبرن تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو ته عمران خان اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين بابت ڪنهن کي  ڪو ٽاسڪ ناهي ڏنو. هن ميڊيا کي اپيل ڪئي ته بنا تصديق جي ذريعن وٽان خبرون ڏيڻ کان پاسو ڪن. بئريسٽر سيف وڌيڪ چيو ته عمران خان سان ملاقات ۾ حڪومتي معاملا، دهشتگردي ۽ افغانستان جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. باني وڏي وزير کي سرڪاري معاملن بابت هدايتون ڏنيون، جڏهن ته کيس دهشتگردي ۽ افغانستان جي مسئلن تي ڳالهائڻ جي هدايت ڪئي وئي. هن اهو به چيو ته باني چيئرمين واضح طور تي چيو هو ته هو پنهنجي ذاتي آزادي يا فائدي لاءِ اسٽيبلشمينٽ سميت ڪنهن سان به ڳالهيون نه ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.