پي ٽي آءِ جا اسٽيبلشمينٽ سان ڳجها رابطا،عمران خان جي آزادي لاءِ ڇهه هفتا اهم؟

اسلام آباد(منيب فاروق+عاصمه شيرازي) آمريڪا مان آيل هڪ وفد جي حوالي سان اهي ڳالهيون  ۽ افواهه ڦهلايا ويا آهن ته انهن  فوجي اسٽبلشمنٽ کي چيو ته هي توهان ڪهڙا ماڻهو اقتدار ۾ ويهاريا آهن . پر حقيقت ان جي ابتڙ آهي ، آمريڪا مان آيل وفد  نه رڳو  پاڪستان جي حالتن ۾ آيل بهتري جي تعريف ڪئي پر اهو به تاثر ڏنو آهي ته  سندن ان دوري سان ڪيتريون ئي شيون چٽيون ٿي ويون آهن ۽ جيڪي  کين خدشا هئا اهي دور ٿي ويا آهن.خبرون اهي به آهن ته وفد ڊي جي آءِ ايس آءِ سان به ملاقات ڪئي هئي.ان ملاقات بعد پي ٽي آئي جي عاطف خان تي الزام لڳو آهي ته هن پي ٽي آئي سان غداري ڪئي آهي ۽  وفد جي اسٽيبلشمنٽ سان ملاقات ڪرائي ڇڏي آهي،ذريعن موجب اسٽيبلشمينٽ پي ٽي آءِ جي اوورسيز اڳواڻن کي چيو آهي ته آمريڪي ڪانگريس ۾ پيش ڪيل بل روڪرايو وڃي،ٻيو ته توهان ٻاهرين ملڪ سياست ڀلي ڪريو پر جنرلن جي خاندانن خلاف مهم روڪي وڃي،پي ٽي آءِ وفد 14 نڪاتي مطالبا به پيش ڪري ڇڏيا،ان ملاقات بعد عمران خان جي ميڊيا ٽاڪ تي پابندي لڳي وئي ۽ ٻاهرين ملڪ پي ٽي آءِ جا سوشل ميڊيا به گهڻي قدر خاموش ٿي ويا،پي ٽي آءِ اڳواڻ ڊاڪٽر منير چيو آهي ته چئن کان ڇهن هفتن اندر عمران خان  جي آزادي جي حوالي سان ڪا وڏي خبر اچي سگهي ٿي،اسان اسٽيبلشمينٽ آڏو تمام سخت ڳالهيون ڪيون،اسان کي تحمل سان ٻڌو ويو،ڊي جي آءِ ايس پي آر اسان کي انتشاري ٽولو چوڻ کان پاسو ڪري.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، جمعو 04 اپريل 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.