ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.
چار اپريل تي پيپلز پارٽيءَ جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي ملهائي ويندي.
ان سلسلي ۾ صوبائي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه عام موڪل جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو.
جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته صوبي جون تمام سرڪاري آفيسون، خودمختيار ادارا، ڪارپوريشنز ۽ مقامي ڪائونسلون بند رهنديون.
Next Post
You might also like