بشريٰ اقبال عامر لياقت جي اڳوڻي گهرواري طوبيٰ انور کي ڪوڙي ۽ احسان فراموش قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليواري پاڪستاني ميزبان مرحوم ڊاڪٽر عامر لياقت حسين جي اڳوڻي گهرواري ڊاڪٽر بشريٰ اقبال ويجهڙائي ۾ طوبيٰ انور کي تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ هاڻي هوءَ سوشل ميڊيا تي بحث جو موضوع بڻجي وئي آهي.
ويجهڙ ۾ هڪ انٽرويوءَ دوران طوبيٰ انور ميڊيا انڊسٽريءَ ۾ غير امڪاني طور قدم رکڻ جي دعويٰ ڪندي چيو ته ”مون کي شوبز ۾ اچڻ جو قطعي شوق نه هو، مان حادثاتي طور انڊسٽريءَ جو حصو بڻيس.“
جڏهن ته عامر لياقت حسين پنهنجي حياتي ۾ طوبيٰ انور سان طلاق کانپوءِ چئي چڪو هو ته کيس (طوبيٰ انور کي) مان ميڊيا ۾ متعارف ڪرايو هو.
طوبيٰ جي وائرل ڪلب تي ڊاڪٽر بشريٰ اقبال تبصرو ڪندي لکيو ته احسان فراموشي ۽ ڪوڙ جو ڪو چهرو هوندو ته اُهو اهڙو ئي هوندو، هن اِهو به لکيو ته ”سچ ٻڌايان؟“
سوشل ميڊيا واهپيدار به طوبيٰ انور جي بيانن کي ڪوڙ قرار ڏنو ۽ چيو ته طوبيٰ انور جي حقيقت سڀني جي سامهون آهي.
واضح رهي ته عامر لياقت حسين بشريٰ اقبال کي 2020ع ۾ سيده طوبي انور سان شاديءَ کانپوءِ طلاق ڏئي ڇڏي هئي.
عامر لياقت جي ٻي شادي کانپوءِ ڊاڪٽر بشريٰ اقبال ۽ سندس ٻارن عامر لياقت کان لاتعلق ٿي ويا، ان کانپوءِ سيده طوبي انور 2022ع ۾ طلاق لاءِ عدالت سان رابطو ڪيو هو.
بعد ۾ عامر لياقت ٽِڪ ٽاڪر دانيا شاهه سان 2022ع ۾ شادي ڪئي، پنهنجي زندگيءَ جي پڇاڙڪن ڏهاڙن ۾ ڊاڪٽر عامر لياقت سخت ذهني دٻاءُ جو شڪار ٿي ويو هو ۽ جون 2022ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.