سنڌي قوم عيد جا ٽئي ڏينهن احتجاج جاري رکيو:عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر) ڇهه نون ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف مسلسل جدوجهد ڪري، عيد جا ٽئين ڏينهن به احتجاج جاري رکي، ايوان لوڏيندڙ سنڌي قوم کي سلام پيش ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي نائب صدر حورالنساء پليجو ۽ ستار رند پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته سنڌي قوم پنهنجي درياهه ۽ ڌرتيءَ کي بچائڻ لاءِ هر ڏينهن هر گهڙي هر پل احتجاج ۾ آهي، سنڌو درياهه بچائڻ واري سنڌي عوام جي جدوجهد ۾ سنڌ جي ميڊيا تمام گهڻو اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، اسين سنڌ جي صحافين، فنڪارن، اديبن، دانشورن، قلمڪارن، آرٽسٽن کي جس ٿا ڏيون جن سنڌ جي زندگي ۽ موت جي مسئلي تي سنڌي قوم جو ڀرپور ساٿ ڏنو آهي، عيد ۽ جمعي جي خطبن ۾ سنڌوءَ تي ڌاڙي خلاف ڳالهائيندڙ پيش امامن پنهنجو قومي فرض نڀايو آهي، سنڌ جي نياڻين پنهنجي هٿن تي مهنديءَ سان نو مور ڪئنالس آن انڊس رور لکي حڪومت کي واضع ڪيو آهي ته سنڌ جو ٻچو ٻچو پنهنجي سنڌو درياهه کي بچائڻ لاءِ جنگ جي ميدان ۾ آهي، هنن چيو ته سنڌي قوم جي هي پرامن جمهوري جدوجهد سنڌو درياهه جا وهڪرا بحال ڪرائڻ تائين جاري رهندي، هنن چيو ته سنڌو درياهه جي پاڻيءَ جي ورهاست وارو 1945ع وارو سنڌ پنجاب پاڻي ٺاهه سنڌ پنجاب پاڻي تڪرار کي مستقل حل ڪرڻ جو واحد ذريعو آهي، پيپلز پارٽي جو 25 مارچ وارو ڊامو فلاپ ويو، هنن وري مشعل بردار ڊامي جو اعلان ڪيو آهي، سنڌي قوم پيپلز پارٽي جي مڪر کي سڃاڻي چڪي آهي ۽ پيپلز پارٽي جي مشعل واري ڊام کي به ناڪام بڻائيندي هنن چيو ته پي ٽي آءِ پيپلز پارٽي جيان ڊاميبازي ڪرڻ بدران پنهنجو واضع موقف رکي ۽ پي ٽي آءِ ڇهه نون ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف ڪي پي ڪي اسيمبليءَ مان قرارداد منظور ڪرائي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.