سلمان جي ” سڪندر “ کي ڪاپاري ڌڪ، بدترين رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو

لاهور (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان جي هلندڙ سال عيد جي موقعي تي رليز ٿيل فلم” سڪندر“ باڪ آفيس تي ڪو به ٻوٽو نه ٻاري سگهي.
سلمان خان جي عيد جي موقعي تي رليز ٿيل فلم ” سڪندر “ ٿي ۽ اداڪار جي اڳوڻي رڪارڊ موجب فلم باڪس آفيس جهجهو ناڻو ڪمائڻ ۾ ناڪام رهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، سلمان خان جي فلم ٽن ڏينهن دوران باڪس آفيسر تي اٽڪل 75 ڪروڙ رپين جو ڪاروبار ڪيو آهي.
رپورٽس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته فلم رليز جي پهرئين ڏينهن 26 ڪروڙ، ٻئي ڏينهن 29 ڪروڙ ۽ ٽئين ڏينهن 19 ڪروڙ پنجاهه لک ڀارتي رپين جي ڪمائي ڪئي.
رپورٽس موجب، فلم رليز جي ٽئين ڏينهن ڀارت ۾ سڪندر جي ڪمائي ۾ 32 سيڪڙو کان وڌيڪ لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ ڪيئي سئنما گهرن ۾ فلم هٽائي پئي وڃي.
رپورٽس ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته سلمان خان جي 37 سالن جي ڪيريئر ۾ پهريون ڀيرو سندس ڪائي فلم رليز جي ٽئين ڏينهن ئي سئنما گهرن کي ٿيندڙ نقصان سبب هٽائي پئي وڃي.
ڀارت جي ڪيئي شهرن ۾ سئنما مالڪن سڪندر جون ٽڪيٽون وڪرو نه ٿيڻ سبب مليالم انڊسٽريءَ جي فلم ” ايل ٽو : امپوزان “ جا شوز رکيا آهن.
ليجنڊ اداڪار موهن لال جي اِها فلم 27 مارچ تي رليز ٿي هئي ۽ باڪس آفيس تي اڍائي سئو ڪروڙ ڀارتي رپين کان وڌيڪ جو بزنس ڪري چڪي آهي.
ٻئي پاسي فلم جي پروڊيوسر ساجد ناڊياڊوالا طرفان به فلم جي باڪس آفيس تي ڪمائي جا انگ اکر جاري ڪيا ويا آهن.
پروڊيوسر طرفان دعويٰ ڪئي وئي آهي ته سڪندر ٽن ڏينهن ۾ ڀارت مان 102 ڪروڙ ڀارتي رپيا، سڄي دنيا مان 39 ڪروڙ ڀارتي رپيا يعني مجموعي طور تي 141 ڪروڙ ڀارتي رپين کان وڌيڪ ڪمائي ڪئي آهي.
ان کان اڳ فلم سڪندر جي مشهوري مهم دوران سلمان خان مداحن جا ٿورا مڃيندي چيو هو ته سندس فلم ڪهڙي به هجي مداح فلم کي سئو ڪروڙ ڪلب ۾ شامل ڪرائي ڇڏيندا آهن.
ياد رهي ته فلم سڪندر جي بجيٽ ٻه سئو ڪروڙ ڀارتي رپيا آهي ۽ فلم ۾ سلمان خان کانسواءِ سٿيا راج، رشميڪا مندنا ۽ ڪاجول اگروال مُک ڪردار ادا ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.