عمران خان راضي، گنڊاپور کي اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيائين

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪِ انصاف جي باني عمران خان سان خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور ۽ سندس سڌ سماءُ بابت صلاحڪار بئريسٽر سيف جي اڊيالا جيل ۾ ڊگهي ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي.
ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته اڍائي ڪلاڪن تائين جاري رهندڙ ملاقات جو محور اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهيون هو ۽ علي امين گنڊاپور ۽ بئريسٽر سيف پي ٽي آءِ باني کي قائل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا.
ذريعن موجب، پي ٽي آءِ باني علي امين گنڊاپور جي آڇ تي نيم راضپي ظاهر ڪيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته علي امين گنڊاپور صوبائي معاملن بابت پي ٽي آءِ باني کي آگاهي ڏني ۽ قيادت تي سوشل ميڊيا تي جاري تنقيد تي به مشاورت ڪئي وئي جڏهن ته ملاقات دوران ادارن سان ٽڪراءَ واري پاليسي تي نظرثاني تي به گفتگو ٿي.
ذريعن موجب، پي ٽي آءِ باني علي امين ۽ بئريسٽر سيف کي اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو ۽ اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين ۾ ڪنهن به اڳڀرائي تائين ان کي ڳجهو رکڻ تي اتفاق ٿيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن اندر علي امين گنڊاپور پي ٽي آءِ باني سان هڪ ٻي ملاقات ڪندو.
واضح رهي ته اڊيالا جيل ۾ قيد پي ٽي آءِ باني عمران خان سان علي امين گنڊاپور جي ڏيڍ مهيني کانپوءِ ملاقات ٿي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.