ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي لاڳيتو بدترين ڪارڪردگي ۽ ٻي ون ڊي ۾ نيوزيلينڊ جي هٿان شڪست کانپوءِ شوقينن طرفان قومي ڪرڪيٽرن کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو آهي.
سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي هڪ واهپيدار ٺٺول ڪندي لکيو ته ” پاڪستان ٽيم اڄ ته ڪمال ڪري ڇڏيو، ايڏي بُري ڪارڪردگي.“
احسن نالي هڪ واهپيدار لکيو ته ” هارائڻ مسئلو نه آهي، پر گهٽ ۾ گهٽ کيڏي هارايو، ٿورو مقابلو ته ڪريو.“
هڪ ٻئي صارف جو چوڻ هو ته ” وڌيڪ شرمساري کان بچڻ لاءِ پاڪستان ٽيم تي پابندي لڳائڻ گهرجي.“
ميچ بابت تبصرو ڪندي زرق افضل نالي هڪ واهپيدار لکيو ته”پاڪستان ٽيم هاڻي چوٽيءَ واري ڪرڪيٽ ٽيم ناهي رهي، ان کي هاڻي ننڍين ٽيمن ۾ ڳڻڻ گهرجي.“
اسد خان نالي صارف چيو ته ” مان معافي چاهيان ٿو، پر پي سي بي دنيا ۾ پاڪستان جي ساک متاثر ڪرڻ جو سبب بڻجي رهيو آهي.“
هن چيو”جيڪڏهن حارث رئوف جهڙا رانديگر اِهو سوچين ٿا ته اسان مٿن تنقيد ڪرڻ جي اوسيئڙي ۾ آهيون ته پوءِ هو کٽي اسان کي غلط ثابت ڇو نه ٿو ڪري؟
جتي هڪ واهپيدار پاڪستاني ٽيم جي ڪارڪردگي تي سوال اُٿاريندي نظر آيو، اُتي ٻئي پاسي فهيم اشرف ۽ بيٽنگ جي واکاڻ به ڪئي وئي.
هڪ واهپيدار چيو ته ” ٽيم ۾ شامل نه هئڻ باوجود نسيم شاهه ون ڊي ڪيريئر جي پهرين ففٽي اسڪور ڪري ورتي.“
شاهزيب علي نالي هڪ صارف لکيو ته ” پاڪستاني ٽاپ آرڊر کي فهيم اشرف ۽ نسيم شاهه جي بيٽنگ ،ام سکڻ جي ضرورت آهي.“
واضح رهي ته نيوزيلينڊ ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز جي ٻي ميچ ۾ پاڪستان کي 84 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي آهي.
You might also like